ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ جو رجحان جاري آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب هڪ هزار رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 20 هزار 600 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 857 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 89 هزار 129 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 13 ڊالر واڌ سان 2065 ڊالر في اونس آهي.
You might also like