گاڏين جي فيڪٽري ۾ روبوٽ جو انجينيئر تي حملو

ٽيسلا جون گاڏيو ٺاهيندڙ فيڪٽري ۾ ٽيسلا جي روبوٽ انجينيئرتي حملو ڪري کيس رتورت ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ٻن اکين ڏٺن شاهد ملازمن موجب گاڏين حصا کڻڻ تي مقرر ڪيل ٽيسلا روبوٽ انجينيئر تي ان وقت حملو ڪيو جڏهن هو ٻن ناڪارا ٽيسلاروبوٽس کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ سافٽ ويئر پروگرامنگ ۾ مصروف هو.
حملوڪندڙ روبوٽ انجينيئر کي زمين تي ڪيرائي لوهه مان ٺهيل پنهنجي چهنب وارا پنجا انجينيئرجي چيلهه ۽ ٻانهن ۾ ٽنبي ڇڏيا جنهن سان ملازم رتورت ٿي ويو.
واقعي تي فوري ردعمل ڏيندي عملي جي ٻين ملازمن هنگامي بٽڻ دٻائي ڇڏيو جنهن سان روبوٽ قابو ۾ اچي ويو.
برطانوي ميڊيا موجب انجينيئر تي روبوٽ جي حملي اهو واقعو 2021ع ۾ پيش آيو هو پر رپورٽ هاڻي ڪيو ويو آهي.
برطانوي ميڊيا موجب 2022ع ۾ به هر 21 مان هڪ ٽيسلا ٽيڪساس گيگا فيڪٽري جو ملازمن پنهنجي ڪم دوران زخمي ٿيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.