ننڊ جي کوٽ هاڪاري احساس گھٽائي ٿي: تحقيق

ناروچ (ويب ڊيسڪ) هڪ تحقيق ۾ خبر پئي آهي ته ننڊ جي کوٽ ماڻهن ۾ هاڪاري احساس ۾ گھٽتائي جو سبب بڻجي سگھي ٿي.
يونيورسٽي آف ايسٽ اينگليا ۾ ڪيل تحقيق ۾ محققن 50 ورهين کان وڌيڪ عرصي ۾ ڪيل 154 مطالعن جو جائزو ورتو. ننڊ جي کوٽ تي ڪيل اهو مطالعو ستن کان 79 ورهين جي عمر وارن 5000 کان وڌيڪ ماڻهن تي ڪيا ويا.
تحقيق ۾ ننڊ جي کوٽ (اهڙي ڪيفيت جنهن ۾ ماڻهو معمول کان گھٽ ننڊ ڪري سگھندا آهن) جو واسطو ماڻهن ۾ هاڪاري احساسن ۾ واضح گھٽتائي ڏٺي وئي.
ننڊ ۾ گھٽتائي جو جو واسطو بيچيني ۽ ڊپريشن جي بلند خطرن سان به ڏٺو ويو، جيتوڻيڪ اهو اثر ظاهري طور تي معمولي هو.
يونيورسٽي سان واسطو رکندڙ تحقيق جي سربراهه ڊاڪٽر جو بوو موجب جڏهن ماڻهو دوستن سان ملڻ يا پنسديدهه ٽي وي شوز ڏسڻ جهڙين سرگرمين مان مزو ناهن وٺندا ته انهن جي ڊپريسن ۾ مبتلا ٿيڻ جا خطرا وڌي ويندا اهن.
هن چيو ته اهڙا ماڻهو ماڻهن ۾ گھلي مِلي ناهن سگھندا تنهنجي سندن اڪيلو رهجي وڃڻ جا خطرا وڌي ويندا آهن.
ڊاڪٽر جو بوور ٻڌايو ته ننڊ جي کوٽ جو شڪار معاشري ۾ ماڻهو گھڻو ڪري رات جو دير تائين جاڳندا آهن پر اهو تجزيو ٻڌائي ٿو ته گھٽ ننڊ سندن مزاج تي اثر وجهي سگھي ٿي.
اها تحقيق جنرل سائيڪولوجيڪل بلٽ ان ۾ ڇپيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.