ياسر عرفات کي پي سي بي ۾ اهم ذميواري ملي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي آل رائونڊر ياسر عرفات کي پي سي بي ۾ اهم ذميواري ملي وئي.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب ياسر عرفات کي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو هاءِ پرفارمنس ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.
هو نيوزيلينڊ دوري ۾ ٽيم مئنيجمينٽ جو حصو هوندو، 29 ڊسمبر کان لاهور جي ڪئمپ ۾ ڪئمپ ڪمانڊنٽ طور خدمتون انجام ڏيندو.
واضح رهي ته ياسر عرفات 3 ٽيسٽ، 11 ون ڊي ۽ 13 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.