بسمه معروف، بابر اعظم کان به بهتر آهي: اڳوڻي ڪرڪيٽر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اڳوڻي عورت ڪرڪيٽر عروج ممتاز بسمه معروف کي بابر اعظم کان به بهتر قرار ڏئي ڇڏيو.
عروج ممتاز اها دعويٰ هڪ ٽي وي شو دوران ڪئي، ميزبان کيس وڏي اسڪرين تي بسمه معروف جي تصوير ڏيکاري، جنهن تي تبصرو ڪندي عروج چيو ته بسمه عورتن جي بابر اعظم آهي.
پنهنجي ڳالهه جاري رکندي عروج ممتاز چيو ته ڪڏهن ڪڏهن بسمه ون ڊي جي نمبر ون بيٽر بابر اعظم کان به بهتر کيڏندي آهي.
اڳوڻي ڪرڪيٽر جي اها ڳالهه ٻڌي ميزبان جي واتان به ”واهه“ جو لفظ نڪري ويو.
عروج ممتاز جي اها وڊيو تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن تي ماڻهو حيراني جو اظهار ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.