سعودي شخص تلوار هلڻ کان اڳ پٽ جي قاتل کي معاف ڪري ڇڏيو

هڪ سعودي شهري پنهنجي پٽ جي قاتل کي موت جي سزا ڏيڻ کان ڪجهه وقت اڳ اعليٰ ظرفيءَ جو مظاهرو ڪندي کيس معاف ڪري ڇڏيو.
جده جي علائقي حمدانيه ۾ 5 سال اڳ معمولي ڳالهه تي جهيڙي جي نتيجي ۾ سعودي شهري جو پٽ مارجي ويو هو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب علائقي ۾ پارڪنگ جي تڪرار تان 6 ماڻهن وچ ۾ جهيڙي دوران هڪ شخص کي سخت زخمي حالت ۾ اسپتال نيو ويو پر هو پر هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو هو.
پنج سال پراڻي ان واقعي جو ڪيس عدالت ۾ هليو ۽ قاتل کي موت جي سزا ٻڌائي وئي. عدالتي فيصلي خلاف جوابدار جي اپيل به رد ڪئي وئي هئي.
اپيل رد ٿيڻ بعد قاتل جي وارثن مقتول جي وارثن سان رابطو ڪيو، جنهن دوران اصلاحي ڪميٽي به معاملو حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر مقتول جو پيءُ ٺاهه لاءِ راضي نه ٿيو.
قاتل جا وارث مايوس ٿي ويا ۽ آخرڪار موت جي سزا جو ڏينهن اچي ويو.
قصاص واري ڏينهن فيلڊ ڪورٽ جي اهلڪار ڏوهه جي نوعيت ۽ عدالتي فيصلي جو اعلان ڪيو، پر آخري وقت تي مقتول جي پيءُ قاتل کي تلوار واپس رکڻ جو اشارو ڪري ڇڏيو.
مقتول جي پيءُ چيو ته الله جي واسطي مان پنهنجي پٽ جي قاتل کي معاف ڪريان ٿو.
معافي تي قاتل جي ماءُ جو جذباتي رد عمل ڏسڻ ۾ آيو، جنهن ڳوڙها ڳاڙيندي چيو ته هن همت نه هاري هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.