انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن دوران انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
اليڪشن ڪميشن سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳائڻ لاءِ چئني چيف سيڪريٽرين کي حڪم موڪلي ڇڏيا.
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن طرفان قرار ڏنل انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي ڳجهيون ڪئميرائون لڳايون وڃن.
خط ۾ وڌيڪ چيو ويو ته انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز جي سڀني بوٿن تي ڪئميرائون لڳايون وڃن، سي سي ٽي وي ڪئميرائن سان چونڊ عمل، ڳڻپ ۽ نتيجن جي تياري جي مانيٽرنگ ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.