ڪڪڙين جي بيضن کي به پَر لڳي ويا، في درجن اگهه ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ في درجن بيضن جو انگ تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
ڳڻپ کاتي موجب في درجن بيضا 420 رپين تائين پهچي ويا اهن، اسلام آباد، پشاور ۽ فيصل آباد ۾ بيضن جي اگهه ۾ وڏي واڌ ٿي آهي.
دستاويز ۾ ٻڌايو ويو ته سيالڪوٽ ۾ في درجن بيضا 410 رپيا، راولپنڊي، گوجرانوالا، لاڙڪاڻي ۽ ملتان ۾ 400 رپيا في درجن ملي رهيا آهن.
ڳڻپ کاتي جي رپورٽ موجب ڪوئيٽا، بنون ۾ به في درجن بيضا 400 رپيا ۾ ملي رهيا آهن، جڏهن ته خضدار، سکر ۾ في درجن بيضن جو اگهه 390 رپيا آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي، حيدرآباد، بهاولپور ۾ في درجن بيضن جو اگهه 380 رپيا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.