سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڊي ڪيٽ ۾ بي قاعدگين بابت درخواستون رد ڪري ڇڏيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليجن جي داخلا ٽيسٽ (ايم ڊي ڪيٽ) ۾ بي قاعدگين بابت درخواستون سڀني ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ رد ڪري ڇڏيون.
ايم ڊي ڪيٽ ۾ بي ضابطگين بابت درخواستن جي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته گيس پيپر ليڪ ٿيو هو، اوريجنل پيپر ليڪ نه ٿيو.
ان تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته 12-12 لک رپين جو پيپر وڪرو ٿيو آهي ۽ اِهو اُهو ئي پيپر هو، جيڪو ليڪ ٿيو آهي.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته 41 هزار ماڻهن ٽيسٽ ڏني هئي، انهن مان 100 ماڻهن فائدو کنيو هوندو.
هن درخواستگذارن جي وڪيل سان مڪالمو ڪيو ته توهان چاهيو ٿا ٻارن جي داخلا نه ٿئي، اهي نه پڙهن؟ جواب ۾ وڪيل چيو ته اسان چاهيون ٿا ميرٽ تي داخلائون ٿين.
چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ٻارن کي بي وقوف بڻائڻ جون ڳالهيون نه ڪيون، ماڻهن جو اعتماد خراب ٿي رهيو آهي ته پيپر ليڪ ٿي ويو، پيپر ڪٿي ليڪ ٿيو اهو ٻڌايو.
وڪيل چيو ته اسان وٽ پيپر نه واٽس ايپ چيٽ آهي، 170 سوالن جا جواب آهن.
پاڪستان ميڊيڪل ڊينٽل اينڊ ڪاليج جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته ڪو پيپر ليڪ ناهي ٿيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ سموريون درخواستون رد ڪندي چيو ته ان جا سبب پوءِ جاري ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.