بالرن جي رفتار گهٽجڻ تي حسن علي ڇا چيو؟

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي چيو آهي ته اسان آسٽريلوي ٽيم کي جلد آئوٽ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين.
باڪسنگ ڊي ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن راند جي پڄاڻي کانپوءِ ڳالهائيندي حسن علي چيو ته جيڪڏهن اسان آسٽريليا کي 250 کان گهٽ اسڪور تي آئوٽ ڪري ٿا ڇڏيون ته اسان وٽ کٽڻ جو بهترين موقعو هوندو، اسان ميزبان ٽيم کي جلد آئوٽ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين.
بالرن جي رفتار گهٽجڻ بابت هن چيو ته مون کي علم ناهي ته ڪنهن جي رفتار گهٽي آهي، منهنجو ڌيان ڪڏهن به رفتار تي ناهي رهيو، مان ڪڏهن به 150 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان بال ناهي ڪرايو.
سندس چوڻ هو ته اسان جو سڄو ڌيان راند تي آهي ۽ هجڻ به ائين ئي گهرجي.
واضح رهي ته ميلبورن ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن آسٽريليا 3 وڪيٽن تي 187 رنسون ٺاهيون، پاڪستان طرفان حسن علي، عامر جمال ۽ سلمان علي آغا هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.