شاهه محمود قريشي آزاد نه ٿي سگهيو، نظربندي جي حڪم جاري

راولپنڊي (ويب ڊسيسڪ) راولپنڊي جي ڊپٽي ڪمشنر تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي نظربندي جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.
تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي نظربندي جا حڪم ڊي سي راولپنڊي جاري ڪيا، جيڪي پنڊي پوليس چيف جي سفارش تي جاري ڪيا ويا آهن.
ڊي سي جي حڪمن ۾ چيو ويو آهي ته شاهه محمود قريشي 9 مئي جي ڪيسن ۾ نامزد آهي ۽ پڇا ڳاڇا ضروري آهي، تنهن ڪري نظربندي جا حڪم جاري ڪيا وڃن ٿا.
واضح رهي ته سائفر ڪيس ۾ عمران خان جي شريڪ جوابدار شاهه محمود قريشي جي سپريم ڪورٽ ضمانت منظور ڪئي هئي، اڄ سندس وڪيلن ضمانتي مچلڪا جمع ڪرايا، جنهن کانپوءِ شاهه محمود قريشي جي جيل مان آزادي جو امڪان هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.