باڪسنگ ڊي ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن ڪينگروز 3 وڪيٽن تي 187 رنسون ٺاهي ورتيون

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) باڪسنگ ڊي ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي آسٽريليا پاڪستان خلاف 3 وڪيٽن جي نقصان تي 187 رنسون ٺاهي ورتيون، برسات سبب ميچ ڪجهه دير لاءِ متاثر به ٿي.
ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏي ويندڙ ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان شان مسعود ٽاس کٽي اڳ ۾ آسٽريليا کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.
آسٽريلوي اوپنرن پهرين وڪيٽ لاءِ 90 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي ته ڊيوڊ وارنر 38 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، ڪينگروز جي ٻي وڪيٽ 108 جي مجموعي اسڪور تي ڪِري ۽ عثمان خواجا 42 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو.
برسات سبب راند متاثر ٿيڻ کان اڳ مارنس لبوشين 14 ۽ اسٽيو سمٿ 2 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا، ٻيهر راند شروع ٿي ته ٻنهي بيٽرن گڏجي ٽيم جي اسڪور ۾ 40 رنسن جو واڌايو ڪيو، ان موقعي تي اسٽيو سمٿ به 26 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.
پهرئين ڏينهن آسٽريليا 66 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 187 رنسون ٺاهيون ته راند ختم ڪئي وئي، لبوشين 44 ۽ ٽريوس هيڊ 9 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا.
پاڪستان طرفان حسن علي، عامر جمال ۽ سلمان آغا هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
واضح رهي ته 3 ميچن جي سيريز ۾ آسٽريليا کي 0-1 جي سرسي حاصل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.