فردوس شميم نقوي کي گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن معطل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم جي گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ لاءِ فردوس شميم نقوي تي دٻاءُ وجهڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت اختيارين کي فردوس شميم خلاف عدالتي حڪمن بنا ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو.
عدالت فردوس شميم جي گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ جو صوبائي گهرو کاتي جو نوٽيفڪيشن به معطل ڪري ڇڏيو ۽ کيس تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
عدالت سنڌ ۽ وفاقي حڪومت کي 4 جنوري لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.