مردن جي ڪارڪردگي اڌ ڇو ٿي وڃي ٿي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) طبي ماهرن کي اڪثر اهو جملو چيو ويندو آهي اسان ڊگهي وقت کان ڪوشش ڪري رهيا آهيون پر ٻار نٿو ٿئي، پر ان جي ذميواري ڪنهن تي لاڳو ٿئي ٿي؟

تقريبن 40 سيڪڙو اهڙن ڪيسز ۾ عورتن کي حمل ناهي ٿيندو ۽ 40 سيڪڙو ڪيس ۾ مرد ذميوار هوندا آهن.

باقي 20 سيڪڙو ڪيسز جو ڪو واضح سبب سائنس ناهي ٻڌائي سگهي.

پر اڪثر اولاد نه ٿيڻ جي خامي عورت ۾ ڳولي ويندي آهي ۽ ان جو ذميوار به عورت کي قرار ڏنو ويندو آهي.

هڪ ماهر ڊاڪٽرياڻي چوي ٿي ته اهي عورتون ئي آهن جيڪي ٻارن کي جنم ڏينديون آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو اهو روايتي تصور به انهن بابت ئي آهي ته ٻار پيدا نه ٿيڻ ۾ انهن جو ڏوهه آهي.

صحت جو عالمي ادارو چوي ٿو ته جيڪڏهن حمل جي ٽيسٽ 12 مهينن بعد پازيٽو نه اچي ته ان کي بانجهه پن، يعنيٰ اها سگهه نه هجڻ سمجهيو ويندو آهي.

سڄي دنيا ۾ ٻار جي خواهش رکندڙ 10 کان 15 سيڪڙو جوڙا ان جو شڪار رهندا آهن، اها شرح تقريبن هر خطي ۾ برابر آهي.

عالمي اداري موجب اولاد نه ٿيڻ هڪ عالمي مسئلو آهي ۽ ان کي عالمي سطح تي حل ٿيڻ گهرجي. متاثر ماڻهن جي انگ کي نظر ۾ رکندي ان حوالي سان طبي علاج جون سهولتون وڌائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

عورتن ۾ اولاد نه ٿيڻ جو بنيادي سبب هارمونز جي خرابي، پولي سسٽڪ اوورين سنڊرون، اينڊوميٽري اوسس يا فيلوپين ٽيوب سسٽم ۾ خرابي آهي.

جيڪڏهن مرد قوت نٿو رکي ته ان جو سبب عام طور تي اسپرمز جو گهٽ معيار هوندو آهي.

ان حوالي سان سپر ميوگرام ٽيسٽ وڌيڪ وضاحت ڪندي آهي. ان مقصد لاءِ اسپرمز جي نمونن جو تجزيو ڪو ويندو آهي، هي ٽيسٽ اسپرمز جو انگ، شڪل ۽ چرپر بابت ڄاڻ فراهم ڪندي آهي.

ڊاڪٽرياڻي چوي ٿي ته حمل لاءِ هڪ ڀيري ۾ تقريبن 60 ملين اسپرمز هجڻ گهرجن.

جيڪڏهن بي اولادي چٽي نموني مرد جي ڪري آهي ته سڀ کان پهريون قدم اهو آهي ته ڪنهن ماهر کان اينڊرولاجيڪل يا يورولاجيڪل چيڪ اپ ڪرائي. جيڪڏهن ٽيسٽ ۾ ان ڳالهه جي نشاندهي ٿئي ته اسپرم جو معيار ٺيڪ ناهي ته پوءِ ان وٽرو فرٽيلائزيشن جو امڪان موجود آهي.

علاج جي ان طريقيڪار ۾ هڪ محنت طلب عمل تحت صحتمند اسپرمز کي تيار ڪيو ويندو آهي.

ان کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ چست اسپرم کي چونڊيو ويندو آهي جيڪو پوءِ عورت جي بيضيداني ۾ موڪليو ويندو آهي.

جيڪڏهن ٽيسٽ مان اها خبر پوي ته ڪو اسپرم ئي ناهي ته پوءِ حمل ٿيڻ لاءِ هڪ مخصوص عمل تحت اسپرم ڪڍيو ويندو آهي ۽ هٿرادو طريقو سان حمل ڪرايو ويندو آهي.

اسپرمز جي معيار کي وڌائڻ ماءِ مرد پاڻ به ڪجهه ڪري سگهن ٿا.

ڊاڪٽرن موجب، هنن ڪافي اهڙا نوجوان ڏٺا آهن جن جو وزن وڌيڪ هوندو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ هارمونل توانزل خراب ٿي ويندو آهي، وزن جي گهٽتائي انسان پاڻ به آڻي سگهي ٿو.

هڪ ٻي شئي تماڪ ڇڪڻ آهي، ان سان مردن جي ڪارڪردگي اڌ ٿي ويندي آهي.

جيتوڻيڪ سگريٽ ڇڏڻ سولو ناهي پر اهو ناممڪن به نه آهي. اهڙي ريت خراب کاڌا، شراب ۽ ٻيا اهڙا عمل اسپرمز جي معيار کي خراب ڪن ٿا.

ماحولياتي زهريلن مادن، جيئن جيت مار دوائن ۽ ٻين زهريلين شين کان پاسو ڪجي ۽ ذهني دٻاءُ ۽ اسٽريٽ کان بچڻ گهرجي.

عورت ڳورهاري ناهي ٿيندي ته ان کانپوءِ جيئن جيئن وقت گذرندو آهي، نفسيات بار وڌندو ويندو آهي. ڊاڪٽرن موجب اهو هڪ وڏو جهٽڪو هوندو آهي جڏهن دنيا جي سڀ کان قدرتي شئي ڪم ناهي ڪندي، اوهان ڀرپاسي جي جوڙن کي خوش ڏسي پنهنجي مسئلي تي ڏکارا ٿي سگهو ٿا.

جڏهن مردن کي اها خبر پوندي آهي ته بي اولادي انهن جي ڪنهن نقص جي ڪري آهي ته هو پاڻ تي شڪ ڪرڻ لڳندا آهن، اهو محسوس ڪندا آهن ته هو ناڪام ٿي ويا آهن، مردن ۾ مايوسي ڏينهون ڏينهن وڌندي ويندي آهي ۽ انهن کي پنهنجي ئي جسم تي ڪاوڙ اچڻ شروع ٿي ويندي آهي ڇو ته هو جيڪو چاهين ٿا اهو ناهي ٿي رهيو هوندو.

جيتري وڌيڪ ٻار جي خواهش هوندي، اوترو ئي زال مڙس هڪ ٻئي سان ڏکيائي سان رهندا آهن.

اهڙن جوڙن کي نفسياتي مدد ڏيڻ ضروري آهي. بي اولادي کي ذاتي ناڪامي جي طور تي نه ڏسڻ گهرجي پر بي اولاد جوڙن سان ڳالهائي انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.