اسٽوريز هاڻي هر سوشل ميڊيا ۽ ميسيجنگ ايپ جو هڪ لازمي جُز آهي، جنهن سان واهپيدار پنهنجي روز مرهه جا مختلف لمحا ٻين ماڻهن سان شيئر ڪندا آهن.
اهي اسٽوريز 24 ڪلاڪن کان پوءِ پاڻمرادو غائب ٿي وينديون آهن.
واٽس ايپ ۾ اسٽوريز کي اسٽيٽس جي نالي سان شامل ڪيو ويو آهي ۽ سٺي خبر اها آهي ته هاڻ اوهان واٽس ايپ جي ويب ورجن تي اسٽيٽس پنهنجون دوستن سان شيئر ڪري سگھو ٿا.
واٽس ايپ جي ويب ورجن تي فوٽوز، وڊيوز ۽ ٽيڪسٽ کي اسٽيٽس طور شيئر ڪرڻ ممڪن آهي.
جڏهن ڪو واهپيدار ويب ورجن تي اسٽيٽس اپ ڊيٽ ڪندو ته ان جي پروفائيل فوٽو تي سان رنگ جي (ring) بڻجي ويندي جنهن تي ڪلڪ ڪري اسٽيٽس کي ڏسي سگھبو.
رپورٽ موجب اهو نئون فيچر ويب ورجن جي بيٽا (Beta) ورجن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.
هڪ ڪاٿي موجب ڪروڙين ماڻهو واٽس ايپ ويب ورجن کي استعمال ڪندا آهن ۽ گھڻو ڪري ان جو استعمال آفيس جي معاملن لاءِ ڪيو ويندو آهي.
جيڪڏهن اوهان ان نئين فيچر کي استعمال ڪرڻ چاهيو ٿا ته واٽس ايپ جي ويب ورجن تي مٿي کاٻي پاسي اسٽيٽس آئڪون تي ڪلڪ ڪري ماءِ اسٽيٽس جي چونڊ ڪريو.
ائين ڪرڻ تي هيٺ فوٽوز اينڊ وڊيوز ۽ ٽيڪسٽ جا آپشن نظر ايندا.
Prev Post
You might also like