اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عوام لاءِ سٺي خبر آهي ته پهرين جنوري 2024 کان پيٽرول سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.
نئين سال جي شروعات تي عوام کي رليف ملڻ جو امڪان آهي ۽ پهرين جنوري کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول جي اگهه ۾ لاٿ ٿي سگهي ٿي.
ذريعن موجب پهرين جنوري کان پيٽرول جي قيمت ۾ معمولي لاٿ ڪري سگهجي ٿي، پيٽرول هڪ رپيو 72 پئسا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان آهي پر هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ هڪ رپيو في ليٽر تائين واڌ جو امڪان آهي.
ناڻي واري وزارت اوگرا جي تجويز ڪيل سمري تي نگران وزيراعظم جي مشاورت سان فيصلو ڪندي.
You might also like