اليڪشن ڪميشن جو پي ٽي آءِ کان ”بيٽ“ جو نشان واپس وٺڻ جو فيصلو معطل

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جون انٽرا پارٽي چونڊون ڪالعدم قرار ڏيڻ ۽ پارٽي نشان واپس وٺڻ جي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي منع نامو جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت دليل مڪمل ٿيڻ تي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي منع نامو جاري ڪيو، عدالتي فيصلي موجب ڪيس جو فيصلو ٿيڻ تائين اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل هوندو.
عدالت چيو ته موڪلون ختم ٿيڻ کانپوءِ پهرين ڊبل بئنچ ۾ ڪيس ٻڌو ويندو.
تحريڪ انصاف طرفان پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ انٽرا پارٽي چونڊون چئلينج ڪندڙ درخواستگذارن کي به ڌر بڻايو ويو، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي.
تحريڪ انصاف جي درخواست تي جسٽس ڪامران حيات ميان خيل ٻڌڻي ڪئي، پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر، بابر اعواڻ ۽ پاڻ پارٽي چيئرمين بئريسٽر گوهر دليل ڏنا.
واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي چونڊون پارٽي آئين موجب نه ڪرائڻ تي تحريڪ انصاف کان بيٽ جو نشان واپس ورتو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.