حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلز پارٽي کي ميدان صاف ڪري اسيمبلين ۾ آڻي حڪومتون ڏنيون وڃن ٿيون، پارليامينٽ ۾ سنڌ جي نمائندگي ناھي.
اياز لطيف پليجو هڙن خيالن جو اظهار حيدرآباد ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي باني اڳواڻ منور ھاليپوٽي جي مان ۾ ڏنل آجياڻي جي تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪيو.
اياز لطيف پليجو جو چوڻ هو ته پ پ اقتدار ۾ اچي وسيلن کي وڪڻي اربين رپين جي ڪرپشن ڪري ٿي پر اسين نئين تاريخ اڏيندڙ آھيون، ھر محاذ تي پيپلز پارٽي ۽ سنڌ مخالفن جو مقابلو ڪنداسين، عام چونڊن ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ اسان ھڪ ٻئي جي مدد ڪنداسين.
You might also like