قومپرستن ۽ هيٺين طبقي لاءِ پارليامينٽ جا در بند ڪيا ويا آهن: قادر مگسي

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جي قومي وجود کي ميسارڻ لاء سياست ۾ جاگيردارن ۽ ھٿ ٺوڪين جمھوريت پسندن کي مضبوط ڪري قومپرستن ۽ ھيٺئين طبقي لاء پارليامينٽ ۾ داخل ٿيڻ جا در بند ڪيا ويا آھن.
ڊاڪٽر قادر مگسي اهڙن خيالن جو اظهار حيدرآباد ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي باني اڳواڻ منور ھاليپوٽي جي مان ۾ ڏنل آجياڻي جي تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪيو.
هن چيو ته سياست ۾ اسان ورڪنگ ڪلاس پاسي ٿي بيٺا آھيون، اسان جو مقصد سنڌ جو قومي وجود بچائڻ ۽ ھيٺئين طبقي کي مک سياسي ڌارا ۾ اچي بيھارڻ آھي، اسان وچن ڪيو آھي ته وڏڙن جيڪا سنڌ اسان کي ڏني آھي ان جي انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين ۽ ھر محاذ تي وڙھنداسين.
ايس ٽي پي جي چيئرمين جو چوڻ هو ته ھن اليڪشن ۾ بہ آئون ٽنڊي محمد خان جي شاھ ڪريم بلڙي واري تڪ تان چونڊ وڙھي رھيو آھيان، قاسم آباد ۾ اسين قومي عوامي تحريڪ جي اميدوار اياز لطيف پليجو ۽ چونڊن ۾ سڪرنڊ ۾ زين شاھ جي ڀرپور مدد ڪنداسين،جدوجھد جو ميدان نه ڇڏينداسين اسان جون اکيون نئين سنڌ اڏڻ جا خواب ڏسي رھيون آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.