ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ ڇوڪريون ايڊز جو وڌيڪ شڪار ٿيڻ لڳيون

سان فرانسسڪو (ويب ڊيسڪ) يونيسيف جي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته نوجوان ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ نوجوان ناريون ايڊز جو وڌيڪ شڪار ٿين ٿيون ۽ اه وانگ وڌندو پيو وڃي.
يونيسيف جي پورٽ موجب 2022ع ۾ سڄي دنيا ۾ تقريبن 98،000 ننڍي عمر جي عورتن ۾ ايڇ آءِ وي وائرس جي ٽيسٽ مثبت آئي. وڌيڪ اهو ته سڄي دنيا ۾ روز 10 کان 17 سالن جي عمر جي وچ واريون384 ڇوڪريون ايڇ آءِ وي مان متاثر ٿين ٿيون.
ميڊيسن جي هڪ پروفيسر ۽ سان فرانسسڪو ۾ يو سي ايس ايف جنرل اسپتال ۾ ايڇ آءِ اوي، وچڙندڙ مرضن ۽ گلوبل ميڊيسن ڊويزن جي ايسوسيئيٽ چيف ڊاڪٽر مونيڪا گانڌي ان حوالي سان ٻڌايو ته ثقافتي ۽ اقتصادي عملن جو ميلاپ عورتن ۾ ايڇ آءِ وي ڪيس وڌڻ جو بنيادي سبب آهي جيڪو ڇوڪرين کي زبردستي جنسي لاڳاپن لاءِ غير محفوظ بڻائي ڇڏي ٿو.
هن چيو ته انهن ۾ معاشي حالتون به شامل آهن جنهن جي ڪري نوجوان ڇوڪريون پئسي يا خوراڪ لاءِ جنسي لاڳاپا قائم ڪن ٿيون.
ٻي پاسي ٽينينسي ۾ وينڊر بلٽ يونيورسٽي اسڪول آف ميڊيسن ۾ صحت کاتي جي پاليسي بابت پروفيسر ۽ وچڙندڙ مرضن جي شعبي ۾ طب جي پروفيسر ڊاڪٽر وليم شيفز چيو ته دنيا ۾ عورتن جو قدر مردن جي ڀيٽ ۾ گھٽ سمجهيو ويندو آهي ان ڪري جاچ ۽ علاج انهن لاءِ ايترو دستياب نه آهي جيترو مردن لاءِ آهي.
هن چيو ته ٻي ڳالهه اها آهي ته مرد اڪثر عورتن مان فائدو کڻندا آهن. وائرس مان متاثر مرد پنهنجو انفيڪشن انهن عورتن تائين پهچائيندا آهن ۽ پوءِ انهن عورتن کي پنهنجي ٽيسٽ ڪرائڻ جو موقعو به ناهي ملندو ۽ سندن علاج ناهي ٿي سگھندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.