سنڌ جي ڪهڙي شهر کي لوڊشيڊنگ فري قرار ڏنو ويو؟

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي چوٿين وڏي شهر ميرپورخاص کي لوڊشيڊنگ فري قرار ڏنو ويو آهي.
حيسڪو چيف بشير احمد موجب ٻن مهينن کان جاري سيڪيورنگ حيسڪو ملازمن جي جدوجهد ۽ عوام جي سهڪار جو نتيجو آهي، جنهن سبب لائن لاسز گهٽجي رڳو 6 سيڪڙو رهجي ويا آهن، جن تي جلد ضابطو آندو ويندو.
هن چيو ته مستقبل ۾ شهر کي لوڊشيڊنگ کان بچائڻ لاءِ وڌيڪ ٽرانسفارمر لڳايا ويندا، ايمرجنسي جي صورت ۾ ٽرالي ٽرانسفارمر فراهم ڪيا ويندا، جڏهن ته واهپيدارن جي سهولت لاءِ ون ونڊو سينٽر قائم ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.