بيٽرن کي تيز کيڏڻو پوندو، بهتري جي ضرورت آهي: شان مسعود

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود چيو آهي ته سرفراز لاءِ ڊراپ ڪرڻ سخت لفظ آهي، کيس ٿورو آرام ڏنو آهي.
ميلبورن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شان مسعود چيو ته ڪنڊيشن کي نظر ۾ رکندي رضوان جي چونڊ ڪئي آهي، سرفراز لاءِ ڊراپ ڪرڻ سخت لفظ آهي، کيس ٿورو آرام ڏنو آهي، جتي سرفراز جي ضرورت هوندي، اتي کيس کيڏائينداسين.
هن چيو ته اسان کي بيٽنگ ۾ بهتري آڻڻي پوندي، ٽيم 100 اوور کيڏي رهي آهي ته بيٽرن کي ٿورو تيز کيڏڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته فاسٽ بالرن لاءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ڏکي هوندي آهي، فاسٽ بالر کي انجري ته ٿيندي آهي، ڇو ته جيڪو ٽيسٽ ڪرڪيٽ جو لوڊ آهي، اهو ڊوميسٽڪ جو لوڊ ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.