پاڪستان ۾ آن لائين ڪاروبار جو لائيسنس حاصل ڪرڻ جو طريقو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا جيان هاڻي پاڪستان ۾ به لائيسنس کانسواءِ آن لائين ڪاروبار منع آهي جنهن لاءِ لائيسنس حاصل ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي جنهن جا تفصيل ايف بي آر جاري ڪري ڇڏيا.
ان حوالي سان فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) پنهنجي ويب سائيٽ تيآن لائين ڪاروبار ڪندڙن لاءِ لائيسنس حاصل ڪرڻ جو طريقيڪار جاري ڪيو آهي.
انڪم ٽيڪس رولز 2002ع ۾ ترميم لاءِ ايف بي آر پاران هڪ ايس آر او (قانوني ريگوليٽري حڪم نامو) 1845(l)2023 جاري ڪيو ويو آهي.
ان حڪم نامي تحت ڊجيتل انيشيٽوز جا ميمبر لائيسنس ڪميٽي جو ڪنوينر بنائڻ لاءِ ڪنهن هڪ آفيسر کي مقرر ڪندا جيڪو ايڊيشنل ڪمشنر (بي پي ايس-19) کان هيٺ نه هجي.
لائيسنس ڪميٽي درخواستن جو جائزو وٺندي ۽ لائيسنس جاري ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل انيشيٽوز ميمبر کي سفارشون پيش ڪندي.
لائيسنسنگ ڪميٽي جو ڪنوينر سسٽم جي گڏيل نگران ۽ سستمجي آپريشن دوران پيش ايندڙ مسئلن کي حلڪرڻ لاءِ کنيل قدمن جو ذميوار هوندو.
درخواستون ملڻ تي بورڊ پنهنجي نامزد ڪيل ڪميٽي جي ذريعي اليڪٽرانڪ فسڪل ڊوائيس جي برانڊ، ماڊل ۽ تفصيلن جي مظوري جو تعين ڪندو، جنهن جو مطلب اهو آهي تههڪ سيل ڊيٽا ڪنٽرولر۽ گھٽ ۾ گھٽ هڪ پوائنٽ آف سيل تي ٻڌل نظام هڪ ٻئي سان گڏ سلهاڙيل هوندا.
ايڪريڊٽيشن جي عمل دوران،سپلائر کي لائيسنسنگ ڪميٽي کي ڄاڻ ۽ ڊوائيسز تائين پهچ ۽ ان عمل کي انجام ڏيڻ لاءِ معقول طور تي گھربل ڪا ٻي مددفراهم ڪرڻي پوندي.
ايف بي آر وڌيڪ چيو ته لائيسنسنگ ڪميٽي درخواست جمع ڪرائڻ جي تاريخ جي 15 ڏينهن جي اندر ڪنهن به درخواست کي منظور يا رد ڪندي، ۽ قانونن تحت ڪنهن به درخواست جي منظوري يا رد ڪرڻ جا سبب ٻڌائيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.