سلمان خان سان جذباتي تعلق آهي: سني ديول

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جو سپر اسٽار سلمان خان ڌرميندر ۽ سندس ٻنهي پٽن جي گھڻو ويجهو اهي، سلمان خان جيڪري ئي بوبي ديول جي فلمن ۾ واپسي ٿي هئي.
سني ديول جو چوڻ آهي ته هن جو سلمان خان سان جذباتي تعلق آهي. هن ٻڌايو ته هو تازو سلمان خان سان مليو ۽ ٻنهي گوا ۾ تقريبن ٻه ڪلاڪ گڏ گذاريا.
سني ديول جو چوڻ هو ته اسان ان دورا کلندا ڳالهائيندا رهياسين. اسان ٻنهي ڪم ڪرڻ جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات ۾ سلمان خان ڪافي خوش لڳي رهيو هو.
سني ديول ٻڌايو ته سلمان مون کي هڪ ڀيرو فون ڪئي ۽ هو گھڻو جذباتي هو هن مون کي چيو ته هو مون سان گھڻو پيار ڪندو آهي. اسان جو اهڙو تعلق آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.