سياسي جماعتن ۽ آزاد اميدوارن لاءِ اهم هدايتون جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سياسي جماعتن ۽ آزاد اميدوارن لاءِ بينرز ڇاپڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
اليڪشن ڪميشن موجب مقرر سائيز کان وڏا پوسٽرز، پمفلٽ ۽ بينرز جي اجازت نه هوندي. پوسٽرن جي ڊيگهه 18 انچ ۽ ويڪر 23 انچن کان وڌيڪ نه هجي.
هينڊ بل،پمفليٽ ۽ ڪتابچا 9 انچ ڊگھا ۽ 6 انچ ويڪرا ٿي سگھن ٿا جڏهن ته بينر 3 فوٽ ڊگھو، 9 انچن کان وڌيڪ وڏو نه هجڻ گھرجي.
پورٽريٽ تصوير 2 فوٽ ڊگھي ۽ 3 فوٽ ويڪري ٿي سگھي ٿي هر اشتهاري مواد تي پبلشر جو نالو ۽ پتو لکڻ لازمي آهي. قرآني آيتن سوڌو مذهبي مواد غير قانوني آهي. هورڊنگز، بل بورڊز،وال چاڪنگ ۽ پيفافليڪس تي مڪمل پابندي هوندي.
چونڊن مهم ۾ سرڪاري اهلڪارن جي تصوير لڳائڻ غير قانوني هوندو. ڀڃڪڙي تي اميدوار سان گڏ پبلشر خلاف به ڪارروائي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.