اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جي حوالي سان سڄي ملڪ مان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن جا تفصيل سامهون اچي ويا.
پاڪستان ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ سڄي ملڪمان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين لاءِ جمع ٿيل نامزدگي ڪاغذن جي تفصيلن موجب گڏيل طور تي 28 هزار 626 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن.
سڄي ملڪ مان قومي اسيمبلي جي جنرل سيٽن لاءِ گڏيل طور تي 7913 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا جڏهن ته صوبائي اسيمبلين جي جنرل سيٽن لاءِ 18 هزار 546 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا.
پنجاب مان قومي اسيمبلي لاءِ 13 هزار 823، سنڌ مان 6 هزار 498، ڪي پي ڪي مان 5 هزار 278 جڏهن ته بلوچستان مان 2 هزار669 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪيا ويا.
وفاقي راڄڌاني اسلام آباد مان قومي اسيمبلي جي ٽن جنرل ۽ مخصوص سيٽن لاءِ گڏيل طور تي 358 نامزدگي ڪاغذ جمع ٿيا.
اليڪشن ڪميسن جي شيڊول موجب نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ جو عمل جاري آهي جيڪو 30 ڊسمبر تائين جاري رهندو.
Prev Post
You might also like