صوف جي سرڪي ۾ موهيڙن ۽ داغن جو علاج

مهانگين اسڪن ڪيئر شين جي ڪري عورتون کَلَ جي سار سنڀال لاءِ رڌڻي ۾ موجود شين مان ئي فائدو حاصل ڪنديون آهن.
صوف جي سُرڪي کي کَلَ جي سار سنڀال لاءِ پاور هائوس هائوس چيو ويندو آهي.
صوف جي سرڪي ۾ اينٽي بيڪٽيريل، اينٽي فنگل ۽ اينٽي آڪسيڊنٽ خاصيتون ججهي مقدار ۾ هونديون آهن.
صوف جي سرڪي جو استعمال کَلَ کي هيٺ بيان ڪيل فائدا پهچائيندو آهي.
پي ايڇ جي سطح کي متوازن ڪندو آهي
کَلَ جو قدرتي پي ايڇ توازن کَلَ جي صحت کي برقرار رکڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندو آهي. صوف جو سرڪو کَلَ جي پي ايڇ جي سطح کي بحال ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي.
اهو هاڃيڪار بيڪٽيريا جي واڌ ويجهه کي گھٽائيندي صحتمند کَلَ کي هٿي ڏيندو آهي.
موهيڙن ۽ داغن جي صفائي
صوف جي سرڪي ۾ موجود اينٽي مائڪروبيل خاصيتون ان کي موهيڙن ۽ داغن جو مقابلو ڪرڻ ۾ اثرائتو بڻائينديون آهن.
اهو سوڄ گھٽائڻ، کَلَ جي سوراخن کي کولڻ ۽ بريڪ آئوٽ لاءِ ذميوار بيڪٽيريا سان وڙهڻ ۾ مدد ڪندو آهي.
کَلَ کي ايڪسفوليئيٽ ڪندو آهي
صوف جي سرڪي ۾ موجود قدرتي تيزاب نرم ايڪسفولينٽ جي طور تي ڪم ڪندو آهي. اهو مُئل کي کل تان هٽائي کَلَ کي تازگي ڏيندو آهي.
کَلَ جي ساڙي ۾ گھٽتائي
ايڪزيما جهڙي کل جي بيماري کي ختم ڪرڻ ۾ صوف جي سرڪي جون سوڄ ختم ڪندڙ خاصيتون نمايان ڪردار ادا ڪري سگھن ٿيو.
ان ۾ موجود ايسٽڪ ايسڊ اينٽي سوڄ خاصيتون رکي ٿو جيڪو خارش کي ٿڌو ڪرڻ ۽ کل جي ڳاڙهاڻ گھٽائڻ لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿو.
هائڊريٽنگ ۽ ٽوننگ
صوف جو سرڪو کَلَ ۾ گھم جي سطح کي برقرار رکڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندو آهي. ان ۾ موجود خاصيتون کَلَ کي خوشگوار بڻائيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.