ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گهڻي ڪوششن باوجود ڪجهه ماڻهو نرم ماني ناهن پچائي سگهندا، جيڪڏهن نرم مانيون پچي به وڃن ته ڪجهه دير رکڻ بعد سخت ٿي وينديون آهن ته ڪڏهن ڪڏهن انهن جو رنگ به ڪارو ٿي ويندو آهي جنهن سبب ڪيترائي ڀيرا مهمانن سامهون شرمساري ٿي پوندي آهي.
اهڙي صورتحال ۾ اوهان ڪجهه طريقن تي عمل ڪري پنهنجي ماني کي نرم پچائي سگهو ٿا.
صحت کي نظر ۾ رکندي اٽي کي ڇاڻي استعمال ڪرڻ گهرجي، اهو صحت لاءِ فائديمند به آهي ۽ ڇاڻ جي ڪري ماني پهريان نرم هوندي آهي ۽ پوءِ سخت ٿي ويندي آهي. ان لاءِ پهريان اٽي کي ڇاڻيو پوءِ پچايو.
جڏهن به ماني لاءِ اٽو ڳوهيو ته اٽي ۾ ٿورڙو گيهه ضرور ملايو. ان سان مانيون نرم ۽ ڀڳل ٿي وينديون آهن، اهڙين مانين کي گهڻي دير تائين رکڻ باوجود اهي سخت ۽ ڪاريون ناهن ٿينديون. اٽي ۾ گيهه وجهڻ سان ماني جو ذائقو به سٺو ٿي ويندو آهي.
نرم ۽ ڦوڪيل مانيون ٺاهڻ لاءِ ضروري آهي ته اٽي کي نرم گوهجي، اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن اوهان چاهيو ته اٽو ڳوهڻ لاءِ گرم پاڻي جو استعمال به ڪري سگهو ٿا پر اٽو ڳوهڻ وقت ڪڏهن به هڪ ئي وقت پاڻي نه وجهو پر ٿورو ٿورو پاڻي وجهو ته جيئن نرم اٽو تيار ٿي وڃي.
اٽو ڳوهڻ بعد فوري ماني پچائڻ شروع نه ڪرڻ گهرجي پر اٽي کي ڪجهه دير لاءِ ڍڪي رکي ڇڏجي، ان سان گڏ اٽي جي سطح تي ٿورڙو تيل به لڳايو. اهو ئي سبب آهي جو اٽو نرم رهندو ۽ مانيون نرم ۽ تڪڙي پچي وينديون.
مانيون رکڻ بعد انهن کي ڪارنهن ۽ سخت ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪيترائي ڪلاڪ اڳ ڳوهيل اٽو استعمال نه ڪريو، ۽ اٽي کي وڌيڪ دير تائين کليل نه ڇڏيو. اهو به خيال رکو ته ماني پچائڻ وقت خشڪ اٽو وڌيڪ استعمال نه ڪريو.