ڪرسمس جون واڌايون ڏيڻ ماورا حسين کي مهانگو پئجي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊرامه انڊسٽري جي ناليواري اداڪارا ماورا حسين کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏيڻ مهانگو پئجي ويو، اداڪارا کي سوشل ميڊيا جي واهپيدارن تنقيدن جو نشانو بڻايو آهي.
اڄ پاڪستاني سميت سڄي دنيا ۾ عيسائي برادري پنهنجي عيد ملهائي رهي آهي. سڄي دنيا جي مسيحي برادري پنهنجي تهوار کي هر سال جيان بهترين انداز ۾ ملهائيندي آهي.
پاڪستاني اداڪارا پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪندي مسيحي برادري کي 25 ڊسمبر جي مناسبت سان مبارڪباد ڏني آهي.
ماورا حسين وڊيو پوسٽ ڪندي لکيو ته منهنجي جهنڊي جي اڇي حصي وارن کي ميري ميري ڪرسمس.
پاڪستاني اداڪارا Minoritiesmatter# جو هيش ٽيگ به استعمال ڪيو آهي. اداڪارا کي وڊيو ۾ پنهنجي گھر ۾ ڪرسمس لاءِ وڻ سجائيندي به ڏسي سگھجي ٿو.
ان پوسٽ کان پوءِ سوشل ميڊيا واهپيدارن پاران ماروا حسين کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by MAWRA 👑 (@mawrellous)

هڪ واهپيدار اداڪارا تي تنقيد ڪندي لکيو ته ”مسلمان جي حيثيت سان اوهان کي ٻن عيدن کانسواءِ ڪو ٻيو تهوار نه ملهائڻ گھرجي.
هڪ واهپيدار لکيو ته ”او ماورا! اسان مسلمان آهيون يار“.
هڪ ٻئي واهپيدارن اداڪارا کي موت جي ياد ڏياري.
هڪ واهپيدارن لکيو ته جڏهن مسلمان به انهن جي ڪلچر کي ملهائيندا ته اسرائيل مان رحم جي ڪهڙي اميد ڪريون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.