ميلبورن ٽيسٽ لاءِ پاڪستاني ٽيم جو اعلان، سرفراز ڊراپ

لاهور (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ لاءِ 12 رڪني قومي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو، جنهن مان اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد کي ڊراپ ڪيو ويو آهي.
ٽيم مئنيجمينٽ طرفان ميلبورن ٽيسٽ لاءِ اعلانيل 12 رانديگرن ۾ فهيم اشرف به شامل ناهي.
وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان کي 12 رانديگرن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته زخمي خرم شهزاد جي جاءِ تي مير حمزا ۽ فهيم اشرف جي جاءِ تي حسن علي کي شامل ڪيو ويو آهي.
ميلبورن ٽيسٽ لاءِ اعلانيل 12 رانديگرن ۾ شان مسعود، امام الحق، عبدالله شفيق، بابر اعظم، سعود شڪيل، محمد رضوان، سلمان علي آغا، شاهين آفريدي، حسن علي، مير حمزا، عامر جمال ۽ ساجد خان شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.