ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي لانڍي ٿاڻي ۾ اتفاقي گولي هلڻ سان اهلڪار مارجي ويو.
پوليس موجب واقعو صبح ساڍي 7 وڳي پيش آيو، ڪانسٽيبل علي احمد ڊي ايس پي ٽريفڪ سيڪشن لانڍي جو پسٽل چيڪ ڪري رهيو هو ته گولي ڇٽڻ سبب ٻن اهلڪارن کي لڳي وئي.
پوليس ٻڌايو ته فائرنگ سان زخمي ٿيندڙ ٻنهي اهلڪارن کي جناح اسپتال نيو ويو، جتي هڪ اهلڪار علاج دوران دم ڏئي ڇڏيو، جنهن جي سڃاڻپ فهميد جي نالي سان ٿي، جڏهن ته زخمي گل شير جو علاج هلندڙ آهي.
ايس ايس پي ڪورنگي موجب ٻئي اهلڪار ڊي ايس پي ٽريفڪ جا گن مين ۽ لانڍي ٿاڻي مٿان بيرڪس ۾ رهندڙ آهن.
You might also like