ٽماٽي سان سلهاڙيل فائدا ۽ خطرا

نباتاتي اصطلاح موجب ٽماٽو ميوو آهي. پرعذائيت ۽ پڪوان جي حوالي سان ٽماٽي کي کاڌن ۾ ذائقي ۽ غذائي جُز جي ڪري ڀاڄي سمجهيو ويندو آهي.
هر 100 گرام ٽماٽي ۾ هيٺ بيان ڪيل غذائيت هوندي آهي.
ڪيلوري: 18 سيڪڙو
چرٻي: 1 گرام کان گھٽ
ڪولسٽرول: 0 مليگرام
سوڊيم : 5 ملي گرام
ڪاربوهائڊريٽ: 3.89 گرام
فائبر:1.20 گرام
پروٽين:1 گرام کان گھٽ
ان کانسواءِ ان ۾ وٽامن سي، وٽامن ڪي، پوٽاشيم ۽ فوليٽبه هوندو آهي. تحقيق مان خبر پوي ٿي ته ٽماٽو مختلف بيمارين کان بچاءَ ۾ به مدد ڪندو آهي ۽ جسماني طور تي فعال طرز زندگي کي هٿي ڏيندو آهي. ٽماٽو هيٺ بيان ڪيل طبي حالتن کان بچڻ ۾ مدد ڪندو آهي.
دماغي بيماري الزائمر
دل جي بيمارين کان بچاءُ
فالج کان بچاءُ
ٽائيپ 2 شگر کان بچاءُ
قبض روڪڻ
ڪينسر جو خطرو گھٽائڻ
ورزش جي نتيجي ۾ پروٽينز جي غير متوازن ٿيڻ کان پوءِ ان کي واپس متوازن ڪرڻ
قوت مدافعت کي وڌائڻ ۾ مدد ڪرڻ
مردن ۾ ٻار ڄڻڻ جي صلاحيت کي وڌائڻ
خطرا
پر ٽماٽي کي جيڪڏهن غيرمناسب طريقي سان کاڌو وڃي ته ان جا خطرا به آهن. جهڙوڪ ڪچي ٽماٽي ۾ ليسٽيريا يا سالمونيلا جهڙا جراثيم ٿي سگھن ٿا جن جي نتيجي ۾ بيماريون ٿي سگھن ٿيون. اهو ڳورهارين عورتن لاءِ وڌيڪ ڳڻتي جوڳو آهي، 65 سالن کان وڌيڪ يا 5 سالن ننڍي عمر آهيو يا صحت جي مسئلن ۾ مبتلا آهيو.
ان کانسواءِ اهو انهن ماڻهن لاءِ خطري جو سبب ٿي سگھي ٿو جيڪي اهڙيون دوائون استعمال کائيندا آهن جيڪي قوت مدافعت کي عارضي طور تي گھٽائينديون آهن. ان ۾ اُهي ماڻهو شامل آهن جيڪي شگر،جيري ۽ بُڪين جي بيماري، ايڊز يا ڪينسر ۾ مبتلاآهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.