” منهنجي مٿان نه چڙهو“ مداحن بابر اعظم کي چيڙائي ڇڏيو

ڪارڊف ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم اجازت کانسواءِ تصريرون ۽ وڊيوز ٺاهڻ تي تپي باهه ٿي ويو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.
پاڪستان ٽيم اڄڪلهه چئن ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ انگلينڊ ۾ موجود آهي، قومي ٽيم سيريز جي ٽئين ميچ لاءِ قومي ٽيم برمنگهم کان ڪارڊف پهچي وئي آهي.
وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته بابر اعظم ٽريننگ سيشن لاءِ صوفيا گارڊنز کان ٻاهر آيو جتي سوين مداحن اوچتو کيس گهيري ورتو.
وڊيو ۾ بابر اعظم اتي موجود عملي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نظر اچي رهيو آهي، ان دوران مداح ساڻس تصويرون ۽ وڊيوز ٺهرائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، جنهن تي بابر اعظم ڪاوڙ واري انداز ۾ کين مخاطب ٿيندي چيو ته ٻه منٽ ڏيندئو، منهنجي مٿان نه چڙهو، بس ٻه منٽ ڏيو.
بابر اعظم جي ٽوڪڻ باوجود مداح نه مُڙيا ۽ تصويرون وڊيوز ٺاهيندا رهيا، جنهن تي بابراعظم تنگ اچي سيڪيورٽي عملي کي سمورن مداحن کي ڇروڇڙ ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
انتظامي عملي سان گفتگو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ بابر اعظم مداحن وٽ ويو ۽ کين چيو ته اِهو طريقو صحيح نه آهي، مان ڳالهائي رهيو آهيان ۽ اوهان سڀ منهنجي مٿان چڙهي رهيا آهيو.
بابر اعظم بعد ۾ مداحن وٽ ويو ۽ کين تصويرون ڪڍڻ جي اجازت ڏني جنهن کانپوءِ هو وري اندر هليو ويو .
وائرل وڊيوتي تبصرو ڪندي ڪجهه واهپيدارن بابراعظم جي ان ردعمل کي ايٽيٽيوڊ قرار ڏيندي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن، جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن ڌيان ڏياريو ته هر ڪنهن جي پرائيويسي جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ تصويرن ۽ وڊيوز ٺاهيندي وقت مداحن کي تميز جي دائري ۾ رهڻ گهرجي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ چئن ميچن جي سيريز جي ٽين ميچ اڄ ڪارڊف ۾ پاڪستاني وقت موجب رات ساڍي ڏهين وڳي کيڏي ويندي، انگلينڊ کي هن وقت سيريز ۾ هڪ ٻڙي جي سرسي حاصل آهي.، سيريز جي پهرين ميچ برسات سبب بنا نتيجي ختم ٿي وئي هئي.

Babarazam Pakistancricketteam

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.