اي آءِ چيٽ بوٽ انسان جيترا هوشيار ناهن:ميٽا جي عهديدار جي دعويٰ

آرٽيفيشل انٽليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالاجي جا چيٽ بوٽ ڪڏهن به انسان جيترا هوشيار نٿا ٿي سگهن.
اها دعويٰ ميٽا جي اي آءِ شعبي جي سربراهه يان ليڪيون هڪ انٽرويو دوران ڪيو.
هن ٻڌايو ته لارج لينگويج ماڊل جا اي آءِ چيٽ بوٽ پنهنجي حدن ۾ آهن ۽ اهي ڪڏهن به انسان جيتري ذهانت نٿا رکي سگهن.
هن جو چوڻ هو ته چيٽ بوٽ سوالن جا جواب صحيح ڏيندا آهن، ڇو ته انهن کي وڌيڪ ڊيٽا جي تربيت ڏني ويندي آهي پر اهي ڪڏهن به ٻولي تي عبور حاصل نٿا ڪري سگهن.
انهن جا جواب بنيادي طور تي ڊيٽا جي مخصوص پوائنٽس تي مبني هوندا آهن ۽ اهي پاڻ علم حاصل ناهن ڪندا.
چيٽ بوٽ نئين صورتحال ۾ سوچڻ جي صلاحيت ناهن رکندا ۽ اها صلاحيت صرف انساني ذهانت ۾ هوندي آهي.

AIchatbots ArtificialIntelligence Humans

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.