بلوچ نياڻين تي تشدد ۽ گرفتارين خلاف سنڌ سراپا احتجاج

ڪراچي / حيدرآباد / سکر ( بمائندن وٽان ) اسلام آباد ۾ پنهنجي پيارن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪندڙ بلوچ نياڻين تي وحشياڻي تشدد ۽ گرفتارين خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ڪراچي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ  لائيرز فورم جي سڏ تي سٽي ڪورٽ جي وڪيلن عاقب راڄپر، خليل انصاري، ايڊووڪيٽ صداقت ميمڻ، عرفان ڪيريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو احتجاج ڪيو، نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن، الٽرنيٽ، هوم بيسڊ وومين ورڪرز ۽ ٻين مزدور تنظيمن پاران به ڪراچي ۾ بلوچ نسل ڪشي، اسلام آباد ۾ بلوچ نياڻين تي تشدد، جبري گمشدگين ۽ عدالت کان مٿانهون قتل خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي. ناصر منصور، زهرا خان، الاهي بخش بڪڪ، قاضي خضر، سعيد بلوچ، عاقب حسين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. بلوچن سان اظهار يڪجهتي لاءِ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو به احتجاج ۾ شرڪت ڪئي،  سنڌ سجاڳي فورم پاران به ڪراچي ۾ سارنگ جويو، سهڻي جويو ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاج ڪيو ويو مظاهرين بلوچ نسل ڪشي بند ڪرڻ ۽ جبري کنڀي گم ڪيل بلوچن کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ميرپورخاص ۾ گھرام بلوچ، يار محمد بلوچ، ياسين بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ٺٽي جي بروھي برادري جي سڏ تي سوين نوجوانن پاران ايڌي سينٽر کان ريلي ڪڍي وئي، احتجاجي ريلي ۾ جسقم، جيئي سنڌ تحريڪ ڪرناڻي، قومي عوامي تحريڪ، ٺٽو يوٿ ايڪشن ڪميٽي، لاڙ عوامي فورم ۽ ٻين پارٽين جا اڳواڻ به شامل ٿيا. آزاد اصغر بروھي، نظام بروھي، اقبال جاکرو، امين بروھي، راول ڪرناڻي، ياسر جاکرو، فھد ڪرناڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو. ڪوٽ غلام محمد ۾ بلوچن سان ايڪي جي اظهار لاءِ اياز ڪالرو، گل زيب بلوچ، حفيظ بلوچ، حسن قائم خاني، امتياز خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. پاڪستان پيپلزپارٽي شھيد ڀٽو جي مرڪزي سڏ تي ضلعي نواب شاھ پاران اسلام آباد ۾ بلوچ نياڻين تي تشدد ڪري کين گرفتار ڪرڻ ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ اڪبر سوڌر، نوشاد باغي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪيو ويو. شھدادڪوٽ ۾ ذوالفقار مگسي، مشتاق بروھي، فيض بروھي، گدا مستوئي، راجا بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو جي مرڪزي سڏ تي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير آڏو حب علي کوسو، عمران سرڪي، ممتاز ڪلهوڙو ۽ عبدالمجيد گهانگهرو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سنڌ انڊيجينئس رائٽس الائنس پاران اسلام آباد ۾ بلوچ عورتن تي  تشدد ۽ گرفتارين خلاف سيد خدا ڏنو شاهه، عبدالخالق جوڻيجو ۽ حفيظ بلوچ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. نوشھروفيروز ۾ زينب پيرزادو، شبانه پيرزادو، حق نواز راڄپر، خالد راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. حيدرآباد ۾ اياز ميلي جي ٽئين ڏينهن مک اسٽيج واري ھال ۾ 2 شاگردياڻيون، بلوچستان جي کنڀي گم ڪيل ماڻھن جي بازيابي ۽ ڪوڙن مقابلن ۾ بلوچستان جي نوجوانن کي مارڻ خلاف احتجاج ڪندڙ مھار رنگ بلوچ سان يڪجھتي جو اظھار ڪرڻ لاءِ پلي ڪارڊ کڻي بيٺل رھيون. ان موقعي تي شاگردياڻين رابيا جمالي ۽ عڪس بلوچ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ اسلام آباد ۾ بلوچستان جي پرامن احتجاج  ڪندڙ نياڻين تي تشدد جي مذمت ڪريون ٿا. ھنن چيو تھ پر امن احتجاجي مارچ ۾ شامل عورتن ۽ ٻارڙن تي پوليس پاران ڪيل تشدد جبر ۽ ڏاڍ آهي، اسان پنھنجي بلوچ نياڻين سان يڪجهتي جو اظھار ڪريون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.