ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سال 2023 ۾ سڄي دنيا ۾ سون جي قيمتن ۾ زبردست اضافو ڏٺو ويو. ھاڻي ورلڊ گولڊ ڪائونسل سال 2024 ۾ سون جي قيمتن جو جائزو جاري ڪيو آھي، جيڪو مستقبل جي رجحانن لاءِ امڪاني منظرنامو پيش ڪري ٿو.
عالمي سطح تي سون جي اگهن ۾ 2022 دوران گهٽتائي جاري رهي، آڪٽوبر 2022 ۾ تقريبا 16 سئو 50 في اونس تائين لاٿ ٿي. نومبر 2020 ۾، اگهه وڌڻ شروع ٿيا ۽ اپريل 2000 ڊالر تائين پهتو.
سون جا اگهه 2 هزار ڊالر تائين برقرار رهيا جنهن بعد سيرپڪارن جي حوصلا افزائي ٿي.
پاڪستان ۾ رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ واڌ سبب سون جي اگهن ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي.
سون جي صنعت ۾ سڀ کان وڌيڪ بااثر تنظيم، ورلڊ گولڊ ڪائونسل، ايندڙ سال سون جي قيمتن لاء ٽي منظرناما پيش ڪيا آهن.
تنظيم سون جي امڪاني طلب کي آمريڪي معيشت جي ڪارڪردگي ۽ 2024 ۾ ڪيترن ئي ملڪن ۾ چونڊن سان ڳنڍيو آهي.
ورلڊ گولڊ ڪائونسل موجب 45 کان 65 سيڪڙو امڪان آهي ته آمريڪي معيشت 2024 ۾ سست رهندي، جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو، سون جي گهرج فليٽ رهندي. ان جو مطلب آهي ته سون جي اگهن ۾ ٿوري واڌ ٿيندي.
ٻيو اندازو اهو آهي ته معيشت ۾ 25 کان 50 سيڪڙو سستي سبب سون جي طلب وڌندي ۽ اگهه وڌي ويندا.
ٽيون اندازو اهو آهي ته 10 سيڪڙو امڪان آهن ته آمريڪي معيشت ڪنهن سستي جو تجربو نه ڪندي.