تيل اگهن ۾ واڌ جا سڀ رڪارڊ ٽٽي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تيل اگهن ۾ واڌ سڀ رڪارڊ ٽٽي ويا آهن، شهري هلندڙ سال ملڪي تاريخ جو سڀ کان مهانگو پيٽرول ۽ ڊيزل خريد ڪندا رهيا.

عالمي مالياتي فنڊ جي شرطن تحت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيٽرول ۽ ڊيزل جي في ليٽر تي 60 رپيا ليوي لاڳو ڪئي وئي.

هن سال پيٽروليم شيون في ليٽر 116 رپيا 58 پيسا مهانگيون ٿيون.

هن سال تيل اگهن تي ليوي ۾ في ليٽر 30 رپيا واڌ ڪئي وئي.

هن وقت ڊيزل ۽ پيٽرول تي 60 رپيا في ليٽر ليوي لاڳو آهي.

هن وقت پيٽرول تي في ليٽر ۾ ليوي، مارجن، ڊيوٽيز، ٽيڪس 97 رپيا 8 پيسا جڏهن ته ڊيزل جي

في ليٽر اگهه ۾ ليوي، مارجن، ڊيوٽيز ۽ ٽيڪس جو حصو 97 رپيا 4 پيسا ٿئي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.