ڪوهستان، چولستان ۽ درياءَ کسجن پيا، بلاول ڪارونجهر جي ڪٽائي روڪرائي:ساڃاهه ڌڻي

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ منعقد ڪيل پنجن ڏينھن واري نائين اياز ميلي جي ٽئين ڏينھن تي مختلف موضوعن ۽ ڪتاب تي فڪري ويھڪون ٿيون، جنھن ۾ سنڌي ٻوليءَ سميت پنجابي، سرائيڪي، بلوچي ۽ پشتو  ٻوليءَ جي شاعرن، اديبن ۽ ليکڪن، شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو تھ شيخ اياز سنڌي شاعري ۾ نواڻ آڻي ان کي جديد بڻايو، شيخ اياز پنھنجي مٽيءَ سان جڙڻ لاءِ مادري زبان جي چونڊ ڪئي، ھن جي شاعري ۾ سنڌ جي تھذيب، تاريخي ثقافتي ورثا، ٻولي ۽ سياسي حالتن جو تفصيلي ذڪر ملي ٿو، ھو فطرت جو شاعر ھو، اياز ٿر ۽ ڪارونجھر تي منفرد انداز سان لکيو آھي. ڪالھ اياز ميلي جي ٽئين ڏينھن جي پھرين ويھڪ “اياز، مور ۽ ڪارونجهر جي ڪور” جي عنوان ھيٺ ٿي، جنھن ۾ سرائيڪي ٻولي جي نامياري شاعر رفعت عباس ڳالھائيندي چيو ته اڄ ڪارونجھر کي ڪٽيو پيو وڃي، هتي اياز ميلي ۾ ئي بلاول ڀٽو زرداري کي نامياري ليکڪ اصغر نديم سيد چيو هو تھ ڪارونجهر توهان جي وڏن جي نشاني آهي ان کي بچايو، ڪارونجهر جو تحفظ هڪ علامتي ويڙهھ آهي، ڪارونجهر کي بچائي وياسين تھ اها اسان جي وڏي ڪاميابي هوندي ۽ جيڪڏهن ڪارونجھر کي بچائڻ واري جنگ ۾ هارائي وياسين تھ پوءِ سنڌين سان گڏ اھا ھار چولستان ۽ اسان سڄي سرائيڪي وسيب وارن جي شڪست هوندي. هن چيو تھ هن وقت سڀ ڪجهه ڦرجڻ وارو آهي، ڪوهستان ۽ چولستان کسيو پيو وڃي. هن چيو تھ قومن جي تاريخي ورثن کي معدنيات ۽ ملڪي وسيلن جو نالو ڏئي ڦرڻ قومن کي ٺڳڻ جي برابر آهي، اڄ وڻن، زمينن، سمنڊ، جبلن ۽ درياهھ کي شديد خطرا آهن، ھو اھي سڀ شيون اسان کان ڦرڻ گھرن ٿا، اسان جا قديم ورثا ۽ تاريخي شيون ھتان جي ماڻھن جي زندگين سان جڙيل آھن، انھن کي محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آھي، ڪارونجهر کي بچائڻ جي لاءِ اسان سڀني کي گڏجڻو آهي، سڄي دنيا ڏسي رهي آهي تھ سنڌ جا جبل، زمينون ۽ درياهه ڪيئن کسيا پيا وڃن. هن چيو تھ طاقتورن جي لغت ۾ سياست جي معنيٰ مختلف آهي، پر جيڪي عوامي سياست ۾ يقين رکن ٿا ۽ لوڪ سياست ڪن ٿا انهن جي لغت ۾ سياست جي معنيٰ خدمت، قومي، عوامي ۽ جمهوري سياست آھي. شاعر ڀارو مل امراڻي چيو تھ اسين سڀ ڪارونجهر جا ڪارڪن آهيون، اياز ڪارونجهر کي تمام گهڻو ڳايو آهي، ڪارونجهر جي ڪولهين ۽ سوڍن انگريزن سان ورهين تائين مزاحمت ڪئي هئي، انگريزن کي ڪارونجھر فتح ڪرڻ ۾ وڏو وقت لڳي ويو ھو. نامياري راڳي سيف سميجي چيو تھ هتي بلاول ڀٽو زرداري کي اصغر نديم سيد چيو هو تھ عدالتن توهان جي ناني کي انصاف نھ ڏنو تھ اهي عدالتون ڪارونجهر سان ڪهڙو انصاف ڪنديون، پر ھن وقت بھ پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صرف اھو چئي پڏي تھ ڪارونجھر جي ڪٽائي نھ ٿيندي تھ ڪارونجھر جي ڪٽائي بند ٿي ويندي. ھن چي ته عدالت جي حڪم باوجود اڄ بھ ڪارونجھر مان پٿر کڻڻ جو سلسلو جاري آھي، ھن چيو ته اردو ميڊيا تھ ڪارونجھر جي ڪيس کي ناھي کنيو، پر سنڌي ميڊيا بھ ان طريقي سان ڪارونجھر جي ڪيس جي مدد نه ڪري سگھي آھي جيئن سنڌي ميڊيا کي ڪرڻ گھربو ھو، اھڙي طريقي سان ڪارونجھر جو ڪيس کڻڻ گھرجي تھ جيئن ھڪ بيانيو جڙي سگھي. ھن چيو  ته شايد سياستدان ڪارونجهر جي اهميت کان واقف ناھن ان ڪري اھو ڪارونجھر جي ڪٽائي تي چپ ڪري ويٺا آھن، ڪارونجهر جبل ڪاروبار جي لاءِ ناهي، ڪارونجهر زندگي آهي. ھن چيو تھ اھا سٺي ڳالھھ آھي ته ڪارونجھر جي حوالي سان عدالت جو ھڪ سٺو فيصلو اچي چڪو آھي، پر عدالت کي پنھنجي ان فيصلي تي عمل بھ ڪرائڻ گھرجي. ھن چيوته اڄ ضرورت ان ڳالھھ جي آھي تھ سنڌ جي سياسي پارٽين جي منشور ۾ ڪارونجهر سميت ٻين تاريخي ورثن کي بچائڻ جي لاءِ نقطو شامل ٿيڻ گهرجي، سياسي ۽ قومپرست پارٽين جي قيادت کي ڪارونجهر جي لاءِ آواز اٿارڻو پوندو، کير ٿر نيشنل پارڪ تي ته قبضو ٿي چڪو آهي، پر ھاڻ ڪارونجهر بھ ختم ڪيو پيو وڃي. خالدھ منير چيو تھ ڪارونجھر، مور ۽ ٿر شيخ اياز جي شاعري جو اھم حصو رھيا آھن، ڪارونجھر، ٿر ۽ مور کي شيخ اياز انتھائي منفرد انداز ۾ ڳايو آھي، ڪارونجھر سنڌ جي سڃاڻپ آھي. ھن ويھڪ دوران سوالن جوابن واري حصي ۾ وڪيل سليمان ڏاھري چيو تھ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جا ڪارونجھر سميت سنڌ جي ٻين قديم ورثن جي حوالي سان تاريخي فيصلا موجود آھن، پر سنڌ جي نگران صوبائي حڪومت ان فيصلي جي خلاف اپيل ۾ سپريم ڪورٽ ۾ وئي آھي. جڏھن تھ صحافي دودي چانڊئي چيو تھ جنھن وقت ڪارونجھر تي ھي ويھڪ ٿي رھي آھي ان وقت ھڪ نگران صوبائي ڪراچي مان صحافين ۽ وي لاگرن جي ھڪ ٽيم وٺي ڪارونجھر ۾ موجود آھي، جتي ھو مقامي ماڻھن کان زوري ڪارونجھر جي ڪٽائي جي حمايت ۾ بيان وٺي رھيا آھن، ٻڌايو پيو وڃي ته ڪارونجھر جي ڪٽائي جو ٺيڪو جنھن ڪمپني کي مليل آھي، اھا ڪمپني ملڪ جي انتھائي طاقتور ماڻھو جي آھي. ھن ويھڪ دوران ڪارونجھر جي ڪٽائي بند ڪرڻ ۽ ڪارونجھر کي تحفظ جي لاءِ قرارداد پڻ پاس ڪئي وئي.

ضراب ڪوٽري بئراج جي قائم ٿيڻ سان پورھيت ھارين جي نقصان کي نروار ڪيو: نصير ڪنڀر

حيدرآباد: مھان ڪوي شيخ اياز جي نائين اياز ميلي ۾ ليکڪ ضراب حيدر جي ڪھاڻي تي ٻڌل ڪتاب “سيلفي” تي ويھڪ ٿي، جنھن  دوران ڪتاب جو مھورت پڻ ڪيو ويو، ويھڪ جو ماڊريٽر اختر حفيظ ھو. ان موقعي تي ليکڪ ۽ ڪھاڻيڪار ضراب حيدر ڳالھائيندي چيو تھ ڪورونا دوران گھر ۾ ويھڻ جو وقت مليو، جنھن دوران اڻپورين ڪھاڻين کي لکي پورو ڪيو. ھن چيو تھ سيلفي ڪتاب ۾ آيل ڪجھھ ڪھاڻين کي ڪرونا وبا دوران لکي مڪمل ڪيو. ھن چيو تھ منھنجين ڪھاڻين جا ڪردار نج ھوندا آھن، حيدرآباد جي فقير جي پڙ جي قديمي ڪردارن کي ڪھاڻي ۾ شامل ڪيو. ھن چيو تھ آئون ريسرچ کانپوءِ ئي ڪھاڻين جي موضوعن جي چونڊ ڪندو آھيان، ھن وقت بھ منھنجون ڪيتريون ئي ڪھاڻيون آھن، جن تي ڪم ھلندڙ آھي. ھن چيو تھ مختلف ڪھاڻيون منھنجي تجربن مان گذرنديون آھن، پوءِ آئون انھن تي لکندو آھيان. پنھنجي آسپاس ايتريون شيون نظر اچن ٿيون، جن جي باري ۾ مون کي محسوس ٿئي ٿو تھ انھن تي لکڻ گھرجي، سنڌ جي حالت تمام گھڻي خراب آھي، ھن وقت تائين ڪيترائي اھڙا موضوع آھن، جن تي لکڻ جي ضرورت آھي. ڪھاڻيڪار اڪبر سومرو چيو تھ ڪتاب ۾ موجود راڻي باغ ڪھاڻي پڙھندي چھري تي مرڪ اچي وڃي ٿي، ان ڏاڍو متاثر ڪيو، ان ڪھاڻي ۾عورت جي نفسيات جي باري ۾ بھترين نشانددھي ڪئي آھي،  فقير جي پڙ تي مھيا ڪيل معلومات بھ متاثر ڪيو، حيدرآباد واسي ھئڻ باوجود فقير جي پڙ بابت ايتري معلومات نھ ھئي، جيڪا ڪتاب پڙھڻ سان ملي آھي. ھن چيو تھ ڪتاب جي ڪھاڻين ۾ ڪردار غريبن جي پاڙن ۾ رھندڙ ماڻھو، مھاڻا، باگڙي، پورھيت، ھاري ۽ ٽانگن ۾ چڙھندڙن سميت سمورا ڪردار غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذاريندڙ آھن. ڪھاڻيڪار نصير ڪنڀر چيو تھ ضراب پنھنجي ڪھاڻين ۾ موضوع سان نڀايو آھي، ڪوٽڙي بئراج بابت ڪھاڻي شاندار آھي، ان ڪوٽري بئراج جي قائم ٿيڻ سان پورھيت ھارين جي نقصانن کي نروار ڪيو آھي. ھن چيو تھ ڪوٽڙي بئراج جي قائم ٿيڻ سان ڪوٽڙي جي ڀرپاسي وارن ڳوٺن جي حالت خراب ٿي آھي، سنڌ جو نالو درياھھ سان جڙيل آھي، ضراب جي ڪھاڻين ۾ ٻولي جاندار آھي.

شاعر کي پرکڻ لاءِ لغت کي سمجھڻ ضروري ھوندي آھي : فياض لطيف

حيدرآباد: اياز ميلي جي ٽئين ڏھاڙي تي ڊاڪٽر فياض لطيف جي لکيل ڪتاب “شيخ اياز جون لغتون” تي ويھڪ ٿي، جنھن جو ماڊريٽر ڊاڪٽر  آفتاب ابڙو ھو. ان موقعي تي ڪتاب شيخ اياز جون لغتون جي لکندڙ ڊاڪٽر فياض لطيف چيو تھ شاعر کي پرکڻ لاءِ لغت کي سمجھڻ ضروري ھوندي آھي، لفظي لغت صرف لفظ جي بنياد تائين محدود ھوندي آھي، شاعري ۽ عام لغط ۾ فرق اھو ھوندي آھي تھ شاعر پنھنجا خيال ان ۾ شامل ڪندو آھي، اياز منھنجو موضوع رھيو آھي، مستقل مزاجي سان مون اياز تي ڪم ڪيو آھي، اياز جي شاعريءَ ۾ مخلتف ٻولين جا لفظ شامل آھن. اياز فارسي جو بھ وڏو مطالعو ڪيو آھي، ان وقت فارسي جو عروج ھو، فارسي ان وقت علمي ۽ ادبي حوالي سان استعمال ٿيندي ھئي، اياز وٽ لفظيات جو وڏو ذخيرو موجود آھي، لغت ۾ ھر ماڻھو دلچسپي ناھي وٺندو. ھن چيو تھ مون چاھيو ھو تھ ھڪ لغت اچي، موجودھ لغت ۾ ڪيتري ئي گنجائش آھي، ان جو ٻيو ايڊيشن آندو ويندو. اياز انسائيڪلوپيڊيا آڻڻ جي حوالي سان ڪم ھلي رھيو آھي. يونيورسٽين ۾ ٻار لغت جو سبجيڪٽ پڙھن ٿا، انھن کي لغت بابت اسائمينٽس ملن ٿيون، لغتن بابت مواد جي کوٽ سبب انھن کي پريشانيون پيش اچي رھيون ھيون، ان کي نظر ۾ رکندي لغتن بابت ڪتاب لکيو آھي. ھن چيو تھ لغتن بابت نئون ايڊيشن آڻيندس، جيڪو وڌيڪ اپڊيٽ ھوندو. ڊاڪٽر شير مھراڻي چيو تھ ڊاڪٽر فياض وڏو پورھيو آھي، جنھن اھو ڪم اسان تائين پھچايو آھي، ڊاڪٽر فياض نوجوان محققن کي لغتن تي ڪتاب لکي انھن کي آساني ڪري ڏني آھي، اياز تمام وڏ شاعر آھي، ھن ڪتاب ۾ 12 ھزار لفظ شامل آھن، اياز کي اسان عالمي سطح تي مڃتا ڏياري سگھون ٿا، اياز جو ڪم اسان جو صدين تائين رھنمائي ڪندو رھندو، شاھھ لطيف ٻولي کي ديوار چين جوڙي ڇڏي، ائين ئي اياز ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪري ٻي ديوار جوڙي ڇڏي آھي. پروفيسر مخمور بخاري چيو تھ اياز پنھنجي دور جو طاقتور ۽ سگھارو شاعر ھو، اياز جيڪو ڪجھھ بھ ڀوڳيو، ان دوران ان جو لکڻ ۽ فڪر تي قائم رھڻ ان لاءِ چئلينج ھو، ھو ڪنھن بھ صورت پنھنجي فڪر تان نھ ھٽيو، ڊاڪٽر فياض ڪتاب ۾ لفظن جو سڌيون ساديون معنائون سامھون رکيون آھن، جيڪا نوجوان نسل لاءِ اھم ثابت ٿيندو، اسان جي اڄ جو نسل جسماني طور تھ ميچوئر آھي پر دماغي طور اڃا ميچوئر ناھي ٿيو، لغتن تي ٻڌل ڪتاب وڏو ڪارائتو آھي.

سنڌو درياءُ ماڻهن کي جيئن جو ڏس ڏنو، مهين جي دڙي سميت وڏا شهر درياءَ ڪناري هئا: اديب

حيدرآباد: اياز ميلي ۾ “سنڌو وهندي رهي” جي عنوان ھيٺ ويھڪ ٿي، جنھن ۾ پشتو، بلوچي ۽ سرائيڪي ٻولين جي شاعرن ۽ اديبن ڳالھھ ٻولھھ ڪئي، ھن ويھڪ جي ماڊريٽر ڊاڪٽر عرفانا ملاح ھئي. ان موقعي تي پشتو جي شاعر اباسين يوسفزئي چيو ته اسان وٽ اباسين سنڌو درياھھ کي سڏيو ويندو آھي، پشتونن جو سنڌو درياهھ سان تعلق قديمي ۽ تاريخي آهي، سنڌو درياهه جيترو پاڻي دنيا جو ڪو بھ درياهھ نٿو ڇڏي، هي دنيا جو سڀ کان ڊگهو درياهھ بھ آهي. هن چيو تھ سنڌو درياهھ کانسواءِ ٻوليون اڻپوريون آهن، سنڌوءَ جي ٻنھي پاسن تي رھندڙ ماڻھو ھن جي جلال ۽ جمال کان واقف آهن، دنيا جي درياهن ۾ سنڌو درياهھ جا مثال ڏئي سگهجن ٿا. سوات مان آيل پشتو ادب شاعر ۽ اديب پرويش شاهين، لطيف ۽ شيخ اياز جي سرزمين کي سلام چئي ڳالھائيندي ته مون سنڌو درياھھ جي مٿاھين حصي جي ڪنڌيءَ تي آباد ماڻھن جي ٻولين تي تحقيق ڪئي، جنھن مان خبر پئي ته اتي 42 ٻوليون ڳالھايون وينديون ھيون، پر اھي سموريون 42 ٻوليون خطري ۾ آهن، ڪيتريون ئي ٻوليون ختم ٿي ويون آھن، باقي بچيل ٻوليون خطري ۾ آھن، تحقيق ۾ خبر پئي تھ اتي جي ھڪڙي ٻولي رڳو 9 خاندان ڳالھائين ٿا، سنڌ جي ماڻهن کي سلام ڪيان ٿو تھ هنن سنڌي ٻولي لاءِ ڪجهه ڪم ڪيو آهي، پر هر هتي رڳو اردو ٻوليءَ کي اهميت ڏني وڃي ٿي، ٻولي جي ترقي ۽ تحفظ جي لاءِ فنڊ بھ رڳو اردو ٻوليءَ جي لاءِ ڏنا وڃن ٿا. ھن چيو تھ سنڌو درياهھ سون اڇليندڙ درياهھ آهي، ڪنھن دور ۾ بونير ۾ سنڌو درياهھ مان نڪرندڙ سون جي منڊي لڳندي هئي، انڊس جا ماڻهو تبت کان ويندي درياھھ جي آخري حصي تائين پرامن رهيا آهن، اهي تشدد جا قائل نھ رهيا آهن، انڊس جا ماڻهو تعليم يافتھ به هئا، سنڌو درياهھ دنيا جو وڏو تجارت جو مرڪز رهيو آهي. هي درياھ مذهبن، ثقافتن، ٻولين، تاريخي ورثن ۽ رسم الخط جو درياهھ آهي. سرائيڪي جي شاعر ۽ ليکڪ رانا محبوب چيو ته سنڌو درياهه جو اصل نالو بھ سنڌو ئي هو، اڳتي ھلي انڊس سڏيو ويو، انڊسٽري جو روٽ بھ سنڌو درياهه آهي، دنيا ۾ اربن سولائزيشن جو درس ڏيندڙ موهن جو دڙو سنڌو درياهه جو شهر هو، سنڌو درياهھ جي ان جديد شھر ماڻهن کي رهڻ جو سبق سيکاريو، پر حملي آورن حملا ڪري انڊس جي تهذيب کي تباهه ڪيو، انهن حملي آورن سنڌو تهذيب جي ماڻهن جي عادتن کي تبديل ڪيو، سنڌو تھذيب جا جيڪي ماڻھو محنت ڪندڙ ۽ شاھوڪار ھئا، انھن کي سست بڻايو ويو. براهوي ۽ بلوچي ٻوليءَ جي ليکڪ ۽ اديب پناهھ بلوچ چيو تھ لطيف جون سدائون سنڌوءَ تي گونجيون آهن، سنڌ ۽ بلوچستان هڪٻئي کان جدا ناهن، مهر ڳڙهھ جا چار دور هئا ۽ چيو ويندو آهي تھ مهر ڳڙهھ جي ماڻهن ئي موهن جي دڙي کي آباد ڪيو، هن ئي ڪلچر ميسوپوٽين تائين رابطا قائم ڪيا، بلوچستان ۽ سنڌ جو درياهه جي ڪري بھ رشتو آهي، ڇو تھ ڪوهھ سليمان کان ٿيندو ڪلات ۽ ٻين علائقن جي مختلف ندين کان پاڻي دادو وٽان سنڌو درياهھ ۾ داخل ٿئي ٿو، بلوچستان جو سنڌ سان تعلق ثقافتي ۽ سماجي طرح سان بھ جڙيل آهي.

سنڌي، سرائيڪي، بلوچ، پشتو، بروهي ۽ اردو شاعرن شاعري پڙهائي داد وصول ڪيو

حيدرآباد: اياز ميلي ۾ آل پاڪستان مشاعرو ٿيو، مشاعري ۾ ادل سومرو، رخسانھ پريت چنڙ، افضال احمد سيد، عطيھ دائود، ابسين يوسفزئي، اختر درگاهي، بختاور ڄام ۽ حسين مسرت سميت سنڌي، سرائيڪي، پشتو، براھوي ۽ اردو جي ناليوارن شاعرن پنھنجي شاعري پڙھي داد وصول ڪيو. مشاعري جي ڪارروائي عنبر حسيب ۽ عرفانہ ملاح ھلائي.

ڪشنچند بيوس بعد نارائڻ شيام ۽ اياز سنڌي شاعري کي جديد بڻايو: فهميده حسين

حيدرآباد: اياز ميلي ۾“اياز جا همعصر شاعر” جي عنوان ھيٺ ويھڪ ٿي، جنھن جو ماڊريٽر تاج جويو ھو. ان موقعي تي نامياري ليکڪھ  ڊاڪٽر فهميده حسين چيو تھ ڪشن چند بيوس سنڌي شاعري کي نئون رنگ ڏنو ۽ جديد بڻايو، ان کانپوءِ نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز سنڌي شاعري کي جديد بڻايو، نارائڻ شيام ورهاڱي کانپوءِ هندستان لڏپلاڻ ڪري ويو. ھن چيو تھ اها بدقسمتي آهي هتي يونيورسٽين ۾ نارائڻ شيام نٿو پڙهائي سگهجي، نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز کي سٺا استاد مليا، هي گهڻ پڙهيا شاعر هئا، هنن مختلف نظريا ۽ فڪر پڙهيا ھئا، نارائڻ شيام کي سنڌي کانسواءِ هندي ۽ سنسڪرت جي حوالي سان وڏي ڄاڻ هئي، اڄ بھ دنيا ۾ جتي بھ سنڌي رھن ٿا اتي نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز جا گيت ضرور گوجندا ھوندا، هندستان ۾ نارائڻ شيام سنڌي ٻوليءَ جي وڏي خدمت ڪئي، هن کي اھو فڪر هو تھ هندستان ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي ٻولي کان پري نھ ٿي وڃن، آئون شيخ اياز ۽ نارائڻ شيام کي جاڙن شهرن جيان جاڙا شاعر بھ سمجهان ٿي. براهوي ۽ بلوچ ٻولي جي شاعر پناهھ بلوچ بلوچي زبان جي شاعر گل خان نصير تي ڳالھائيندي چيو تھ گل خان نصير ان عهد جو شاعر هو جنهن جو شيخ اياز شاعر هو، ٻئي پنهنجي وطن سان محبت ڪندڙ هئا، گل خان نصير گهڻو وقت جيل ۾ رهيو، گل خان نصير بلوچستان جي جديد تاريخ لکندڙ شاعر هو، هن بلوچستان جي صدين تي ٻڌل سياسي تاريخ کي سامھون آندو. ابسين يوسفزئي، اجمل خٽڪ تي ڳالھائيندي چيو تھ اجمل خٽڪ جي ترقي پسند سوچ جي ڪري ھن جي شاعري ۾ انسان دوستي ھئي، ھن پنھنجي شاعري ۾ مزاحمت ۽ قوميت جو ٻج ڇٽي نظم کي عروج تي پهچايو، اجمل خٽڪ انسانن جي مسئلن ۽ ان دور جي سياسي حالتن کي پنهنجي شاعري ۾ نهايت بهترين انداز سان چٽيو آهي، هن جي شاعري انسانيت جو آواز هئي، شيخ اياز ۽ اجمل خٽڪ جي زندگي ۾ هڪجهڙائي هئي. ناصر عباس نير، فيض احمد فيض تي ڳالهائيندي چيو تھ هر زبان جو پنهنجو درياهھ هوندو آهي، جيڪو پنهنجا رستا ٺاهيندو ويندو آهي ۽ هر زبان جا پنهنجا سوال بھ هوندا آهن، ورهاڱي جي واقعي تي پاڪستان جي مختلف بولين جي اديبن جي خيالن ۾ وڏو فرق ملي ٿو. هن چيو تھ فيض احمد فيض ۽ شيخ اياز ۾ گهڻي حد تائين هڪجهڙائي هئي، ٻنهي ورهاڱي ڏٺو، جيلن ۾ ويا، ٻنهي تي غدار جا الزام لڳايا ويا، ھنن اردو شاعري کان شروعات ڪئي ۽ ھنن جو ترقي پسند تحريڪ سان تعلق هو، پر ون يونٽ کانپوءِ شيخ اياز سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪرڻ جي شروعات ڪئي، فيض احمد فيض پنجابي ۾ تمام گهٽ لکيو آھي، فيض احمد فيض ۽ شيخ اياز ۾ اختلاف بھ ٿيا، ٻنهي هڪٻئي تي تنقيد بھ ڪئي ۽ اھا تنقيد خالص ادبي تنقيد بھ هئي. هن چيو تھ شيخ اياز جي شاعري ۾ ڪارونجهر، درياهھ، سنڌ جا تاريخي ورثا، تاريخ، ٻولي ۽ سياست شامل هئي، پر فيض احمد فيض جي شاعري جو رنگ مختلف هو، فيض احمد فيض کي ملڪ کان ٻاھر وڃڻ جا موقعا بھ مليا، ھو دنيا جي ٻين ملڪن جي اديبن ۽ شاعرن سان بھ مليو، ان ڪري فيض احمد فيض کي ياز جي مقابلي ۾ وڌيڪ مقبوليت ملي.

جتي به ظلم ٿيو، اتي اياز لکيو؛ ڊاڪٽر ناظر محمود

حيدرآباد: اياز ميلي ۾ “اياز جي شاعري ۾ سنڌ ۽ فلسطين جو استعارو” جي عنوان ٿيل ويھڪ ۾ ڳالھائيندي ناليواري ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر ناظر  محمود چيو  ته اياز ميلي جي آخري ڏينھن تي اسلام آباد ۾ بلوچ نياڻين تي ٿيل تشدد خلاف قرارداد منظور ٿيڻ گھرجي. ھن چيو ته رڳو فلسطين ۽ سنڌ نه جتي جتي ظلم ٿيو، اياز ان خلاف لکيو ۽ پاڻ تي محسوس ڪيو. ھن چيو تھ اسرائيل ۽ پاڪستان جي رياستن ۾ ڪافي ھڪجھڙائي آھي. ڊاڪٽر مجيد چانڊيو چيو ته اياز اھو ئي سمجھايو پئي سنڌ جو 75 سالن کان استحصال ٿيو آھي، سنڌ جون دانھون ڇو نٿيون ٻڌيون وڃن، اياز چيو پئي تھ چي گويرا ۽ مائو کي پڙھندڙ سنڌ جو بھ فڪر ڪن. منير شاھھ ذاڪري چيو تھ اياز جو مطالعو وسيع ھو، ھن جا موضوع وسيع ھئا، اياز دنيا جي مسئلن ۽ موضوعن کي پنھنجو موضوع بڻايو، اياز برصغير جو وڏو شاعر ھو، ھن جي سياسي ڄاڻ، ھن جي تخيل جو حسن ھن کي وڏو شاعر بڻائين ٿا. ھن جلاوطني جي درد کي موضوع بڻايو. شاعره ڊاڪٽر عابده گھانگھرو چيو تھ سنڌ کي اياز فلسطين جو استعارو بڻايو، سنڌ ۽ فلسطين جو درد ساڳيو آھي، قومن جي شعور، ٻولي ۽ ادب کي قتل ڪري قوم کي ختم ڪيو ويندو آھي. ھن ويھڪ جو ماڊريٽر ڪالمنگار ۽ صحافي امداد سومرو ھو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.