دنيا جي سڀ کان بدصورت گاڏي متعارف

ڪيليننگراڊ (ويب ڊيسڪ) روس ۾ اليڪٽرڪ گاڏي جو هڪ پروٽوٽائيپ متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو پنهنجي کِل جوڳي ڊزائين جي ڪري خبرن جي زينت بڻيل آهي.
روسي ڪمپني Avotor هڪ اليڪٽرڪ گاڏي جو پروٽوٽائيپ متعارف ڪرايو جنهن جو نالو Amber Yantar رکيو ويو آهي جنهن کي سوشل ميڊيا واهپيدارن دنيا جي بدصورت ترين گاڏي قرار ڏنو آهي.
عام طور تي گاڏين جي پروٽوٽائيپ وڻندڙ ڊزئين جا هوندا آهن جيڪي پنهنجي خوبصورتي جي ڪري عوام جو ڌيان فورن پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندا آهن. پر هن گاڏيءَ جي بيڪار ڊزائين ماڻهن کي کلائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.
ايووٽور ڪمپني ماسڪو پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ سان گڏجي اها گاڏي تقريبن هڪ هفتو اڳ متعارف ڪرائي جنهن جي ڊزائين ڏسندي ئي ڏسندي انٽرنيٽ تي وائرل ٿي وئي ۽ ماڻهو قسمين قسمين مزاحيه تبصرا ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.