هن سياري رابي پيرزادي جي هٿن تي به ميهندي لڳڻ جو امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اڳوڻي ڳائڻي ۽ هاڻي سماجي ڪارڪن رابي پيرزادي پنهنجي شادي جو اشارو ڏنو آهي.

شوبز کي ڇڏيندڙ رابي پيرزادي پنهنجي ٽويٽر جي اڪائونٽ تي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هن هڪ همراهه جو هٿ پڪڙيو آهي.

تصوير ۾ رابي پيرزادي ۽ ان شخص جون منڍيون نظر نٿيون اچن پر اشارو ملي ٿو ته ٻئي ڪار ۾ سوار آهن.

هن ڪيپشن ۾ اهڙو شعر لکي ڇڏيو جنهن مان سڀني کي اشارو ملي ويو ته هاڻي رابي جي هٿن تي ميهندي لڳڻ واري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.