ڪراچي: 15ججز جون بدليون ۽ مقرريون، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن جي 15 ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز ۽ سينيئر سول ججز جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن.
ڪراچي ڏکڻ جي سينيئر سول جج لالا اسد ۽ سينٽرل جي فيملي مئجسٽريٽ ماه رخ رشيد کي بدلي ڪري ٽنڊو الهيار مقرر ڪيو ويو آهي، ٽنڊو الهيار جي سول جج ڪنول ۽ ڪاشف ڀٽي کي ڪراچي جي سينٽرل ۽ ڏکڻ ضلعن ۾ مقرر ڪيو ويو.
سڪرنڊ جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حسن علي ڪلوڙ کي دادو ون ۾ مقرر ڪيو ويو، گھوٽڪي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حافظ مصباح الدين ڦلپوٽو کي بدلي ڪري شڪارپور اماڻيو ويو، جڏھن ته اتان عبدالقدير ٻرڙو کي ھٽايو ويو آهي.
پنو عاقل جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج راجا حبيب الرحمن کي نوشهرو فيروز بدلي ڪيو ويو، قمر الدين عباسي کي نوشھرو فيروز مان بدلي ڪري پنوعاقل جو ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مقرر ڪيو ويو آهي.
ملير جي ايڊيشنل سيشن جج تصور علي کي حيدرآباد ڏانھن اماڻيو ويو، جڏھن ته اتان اشفاق مغل جي بدلي ڪري ملير جو ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مقرر ڪيو ويو آهي.
خيرپور جي سينيئر سول جج سونيه اعواڻ کي بدلي ڪري نوشهرو فيروز اماڻيو ويو آھي، سجاول جي سينيئر سول جج محمد ايوب ڀٽي جي به بدلي ٿي وئي ۽ ملير مان خرم امين خان کي به ھٽائي سجاول ڏانھن روانو ڪيو ويو آھي.
ججز جي مقررين ۽ بدلين جو سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي جي منظوري سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.