ماڻهو چوندا آهن ته پريانڪا چوپڙا بڻجڻ جي ڪوشش پئي ڪيان: اُشنا شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور پاڪستاني اداڪارا شڪايت ڪئي آهي ته هوءَ جڏهن به ڪئنيڊين انداز ۾ انگريزي ڳالهائيندي آهي ته ماڻهو کيس طعنه ڏيندا آهن ته هوءَ ڀارتي اداڪارا پريانڪا ڇوپڙا بڻجڻ جي ڪوشش پئي ڪري.
پنهنجي تازي انٽرويو جي وائرل ٿيل وڊيو ۾ اُشنا شاهه ٻڌايو ته جيتوڻيڪ هوءَ ڪئناڊا ۾ نپني آهي، ان ڪري سندس انگريزي ڳالهائڻ ۾ اتان جو انداز وڌيڪ هوندو آهي.
هن چيو ته هن پنهنجو انداز ۽ لهجو بهتر ڪيو آهي، پهريان سندس ڳالهائڻ جي انداز ۾ ڪئنيڊين اسٽائل وڌيڪ هوندو هو.
اداڪارا جو چوڻ هو ته پر ان جي باوجود هوءَ جڏهن پرڏيهه ۾ هوندي آهي ۽ انگريزي ۾ گھڻو ڳالهائي رهي هوندي آهي ته سندس انداز ڪئنيڊين بڻجي ويندو آهي.
ان ڳالهه جي به شڪايت ڪئي ته جڏهن هوءَ ڪئنيڊين انداز ۾ ڳالهائيندي آهي ته ماڻهو سوشل ميڊيا تي ڪمينٽس ڪري هن تي ٺٺول ڪندا آهن.
سندس چوڻ هو ته انگريزي ڳالهائڻ تي کيس طعنه ڏنا ويندا آهن ته هوءَ بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا بڻجڻ جي ڪوشش پئي ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.