لنڊن (ويب ڊيسڪ) ٻن ٻچي داڻين سان پيدا ٿيندڙ آمريڪي عورت وٽ ڌار ڌار ٻن ٻارن جي ٻن مختلف ڏينهن تي پيدائش ٿي آهي.
صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته سڄي دنيا ۾ هر 50 لک عورتن مان هڪ عورت ٻن ٻچي داڻين سان پيدا ٿيندي آهي.
ڪجهه عورتن وٽ سندن پيدائش جي فوري بعد ئي خبر پئجي ويندي آهي ته انهن جون ٻه ٻچي داڻيون آهن پر ڪجهه عورتن بابت ڪيترائي سال خبر ناهي پوندي.
لنڊن ۾ 32 سالن جي ڪيلسي هيچر ٻن ٻچي داڻين سان پيدا ٿي هئي ۽ هاڻي هن پهريون ڀيرو ٻنهي ٻچي داڻين م ان ڌار ڌار ٻارن کي جنم ڏنو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو واقعو 19 ۽ 20 ڊسمبر تي پيش آيو ۽ اهڙي ڊليوري 10 لک ڊليوريز مان ڪنهن هڪ جي ٿئي ٿي.