مختلف ٽيليڪام ڪمپنيون پاڪستان مان پنهنجو ڪاروبار ختم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٽيليڪام سيڪٽر جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪاروباري ادارا خيرات جي بنياد تي نٿا هلائي سگھجن.
ڪجهه ڏينهن اڳ ٽيلينار پنهنجا 100 سيڪڙو شيئرز پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني لميٽيڊ (پي ٽي سي ايل) کي وڪرو ڪيا هئا.
جنهن کان پوءِ پي ٽي سي ايل لينڊ لائين ۽ براڊ بينڊ ڪنيڪشنز جي ماهوار ٽيرف ۾ پهرين جنوري 2024ع کان اضافو ڪري ڇڏيو.
پي ٽي سي ايل جمعي جي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ پنهنجن واهپيدارن کي پيغام ڏنو ته ماهوار ٽيرف ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي.
پي ٽي سي ايل جو چوڻ آهي ته مختلف ڪاروباري ادارن جي لاڳت ۾ اضافي کان پوءِ نئين ٽيرف تي پهرين جنوري کان عمل ڪيو ويندو.
رڳو ٽيلينار ئي نه قطر ٽيليڪام ۽ عمان ٽيليڪام واءِ ٽرائب ۽ ورلڊ ڪال ۾ سيڙپڪاري ڪئي، پر ٻنهي ريگوليٽري نظام ۾ خرابي سبب پاڪستاني مارڪيت کي الوداع چوڻ کي ترجيح ڏني.
حڪومت ٻنهي ڪمپنين کي فريڪوينسي ڏيڻ لاءِ به تيار نه هئي.
ڪجهه سال اڳ وارد ٽيليڪام به موبيلنڪ کي پنهنجا شيئرز وڪري ڪري پاڪستان جي مارڪيٽ مان نڪري ويو هو.
You might also like