سوشل ميڊيا لاءِ پرينڪ وڊيو بڻائيندڙ نينگر حياتي وڃائي ويٺو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ سوشل ميڊيا تي ڦاهو کائڻ جي وڊيو ڏسي ان جو نقل ڪندڙ پنجين جماعت جو شاگرد حياتي وڃائي ويٺو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو واقعو ڪانپور ۾ پيش آيو جتي پنجين جماعت جي شاگرد سوشل ميڊيا ريلز تي ڦاهو کائڻ جي پرينڪ وڊيو ڏٺي ۽ اهڙي طرح پنهنجي وڊيو بڻائڻ جي ڪوشش ۾ هو حياتي وڃائي ويٺو.
ڀارتي ميڊيا ٻڌايو ته 11 ورهين جو نڪل راجو سوشل ميڊيا تي ڦاهو کائڻ جي پرينڪ جي وڊيو بڻائڻ لاءِ ڳلي ۾ ڦاهو لڳايو ۽ انهي رسي کي ڇت جي هُڪ سان ٻڌي ڇڏيو پر ان دوران انهيءَ دوران رسيءَ جو ڦاهو سندس ڳچيءَ ۾ ٽائيٽ ٿيڻ سبب سندس ساهه ٻوساٽجي ويو.
نکل جي پيءُ واقعي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته هن جو پٽ روز اسڪول کان واپس اچي سوشل ميڊيا تي پرينڪ وڊيوز ڏسندو هو ۽ هن اهڙيءَ طرح جي وڊيو بڻائڻ جي ڪوشس ڪئي، ڪمري ۾ نکل کي هوشي واري حالت ۾ ڏٺو ته اسپتال کڻي وياسين جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي.
واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي جتي پوليس کي فيملي جي موبائيل فون اهڙيءَ طرح جي ريلز واچ لسٽ ملي.
پوليس جو چوڻ آهي ته نکل ٻن ڀائرن ۽ هڪ ڀيڻ مان سڀ کان ننڍو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.