ڀارت ويجهو اسرائيلي سامونڊي جهاز تي ڊرون حملو

ڀارتي سمنڊ جي ڪناري ويجهو اسرائيل سان واسطو رکندڙ هڪ واپاري جهاز تي ڊرون حملو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان جاچ ڪئي پئي وڃي.
ڪيميڪلز کڻي ويندڙ جهاز تي لائبيريا جو ڦڙڪي رهيو هو. اهو حملي عبي سمنڊ ۾ ڀارت جي اولهندي رياست گجرات جي بندرگاهه ويراول جي ڏکڻ اولهه ۾ 200 ڪلوميٽر مفاصلي تي ڪيو ويو.
برٽش ميريٽائيم سيڪيورٽي فرم ايمبري ٻڌايو ته ڊرون حملي سان لڳل باهه کي فوري طور تي وسايو ويو. ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو پر جهاز جي ڍانچي کي نقصان پهتو آهي.
باهه وسائڻ لاءِ پاڻي فوري طور تي جهاز تائين پهچايو ويو. حملي کان اڳ ان جهاز جي آخري ڪال سعودي عرب لاءِ هئي. حملي جي وقت ان جي منزل ڀارت ئي هو.
ڀارتي ڪوسٽ گارڊ شپ آءِ سي جي ايس وڪرم عربي سمنڊ ۾ پوربندر جي بندرگاهه کان 217 ناٽيڪل ميل پري هڪ مال بردار جهاز ايم وي ڪيم پلوٽو ڏانهن وڌي رهيو هو. انهيءَ اطلاع ڏنو ته هڪ جهاز ۾ امڪاني طور تي ڊرون حملي سان باهه لڳي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.