هالي ووڊ اداڪار ون ڊيزل تي جنسي هراسانيءَ جو الزام

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ جي سپر اسٽار ”فاسٽ اينڊ فيوريس“ جي اداڪار ون ڊيزل تي هن جي اڳوڻي معاون جنسي هراساني جو الزام لڳايو آهي.
بالي ووڊ اداڪار ون ڊيزل جي اڳوڻي پرسنل اسسٽنٽ ايسٽا جونيسن ”فاسٽ فائيو“ جي شوٽنگ دوران اداڪار ون ڊيزل جي خلاف جنسي زيادتي ڪرڻ جو الزام لڳائيندي ڪيس داخل ڪرايو آهي.
اداڪار ون ڊيزل جي اڳوڻي معاون ايسٽا جونيسن چيو آهي ته جنسي هراساني جو واقعو 2010ع ۾ ”فاسٽ فائيو“ جي شوٽنگ دوران پيش آيو جڏهن اداڪار فاسٽ اينڊ فيوريس ڪمپني سان ڪم شروع ڪيو هو.
عدالتي ڪيس موجب جنسي هراساني جي واقعي جي ٻئي ڏينهن ايسٽا جونيسن کي نوڪري تان فارغ ڪيو ويو هو.
ون ڊيزل جي اڳوڻي معاون الزام لڳايو آهي ته کيس نوڪري تان رڳو ان ڪري ڪڍيو ويو ڇو جو هن ون ڊيزل جي خواهش پوري ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.