احد چيما جي معاملي تي نگران حڪومت ڦاسي پئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما کي عهدي تان هٽائڻ جي معاملي تي نگران حڪومت خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو.
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان نگران حڪومت خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس 26 ڊسمبر تي صبح 10 وڳي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ورتو.
اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري، ڪابينا ڊويزن سيڪريٽري کي خط ۾ چيو هو ته اليڪشن ڪميشن وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما کي هٽائڻ بابت عملدرآمد رپورٽ گهري هئي، احد چيما کي صلاحڪار جي عهدي تان هٽائڻ لاءِ ڪا به رپورٽ جمع نه ڪرائي وئي.
اليڪشن ڪميشن احد چيما جي معاملي تي سختي سان نوٽيس ورتو آهي ۽ 26 ڊسمبر تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ويندي.
ڪميشن موجب احد چيما کي نه هٽايو ويو ته وزيراعظم جو سيڪريٽري ۽ ڪابينا ڊويزن سيڪريٽري ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿين.
واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن احد چيما کي فوري طور عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏيندي چيو هو ته هو چونڊن تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.