ٿوم جو استعمال ته عام آهي ۽ ڪو به کاڌو ٿوم کانسوا مڪمل ناهي هوندو.
ٿوم جا به آهن هڪ ديسي ٿوم جيڪا ذائقي ۾ ٿوري تيز ۽ ننڍي هوندي آهي ۽ ٻي چيني ٿوم جيڪا ٿُلهي ۽ ٿوري وڏي هوندي آهي پر ڪاري ٿوم جو نالو ٻڌي اوهان به ٿورو پريشان ٿي ويندا ته اڇي ٿوم ته ڏٺي ۽ کاڌي آهي پر اها ڪاري ٿوم ڪهڙي قسم جي آهي؟
ڪاري ٿوم ڇا آهي؟
ٿوم کي جڏهن فرمينٽيشن جي طريقيڪار مان گذاريو ويندو آهي ته ان جو رنگ تبديل ٿي ڪارو ٿي ويندو آهي جڏهن ان جو ذائقو مٺو ۽ رسيل به ٿي ويندو آهي.
فرمينٽيشن جي طريقيڪار تحٽ ڪيترن ئي هفتن تائين ٿوم کي هڪ خاص گرمي پد 7 گھم فراهم ڪئي ويندي آهي جنهن جي ڪري ٿوم ۾ موجود قدرتي ڪيميڪل پنهنجو ري ايڪشن ڏيکاريندا آهن جنهن جي ڪري اها ڪاري ٿوم بڻجي ويندي آهي ۽ ان جا جسم تي حيران ڪندڙ فائدا ٿيندا آهن.
ڪاري ٿوم جا حيران ڪندڙ فائدا؟
ڪاري ٿوم ۾ اينٽي آڪسيڊنٽ هجڻ سبب اها اسان جي جسم مان دٻاءَ کي ختم ڪندي آهي ۽ موضي بيمارين کان بچائيندي آهي.
ڪاري ٿوم وزن گھٽائڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندي آهي، ۾ موجود جُز اليسن مدافعتي قوت تي هاڪاري اثر وجهندو آهي جنهن سان جسم ۾ موجود چرٻي گھٽجي ويندي آهي.
ڪجهه تحقيقون ٻڌائين ٿو ته ڪاري ٿوم دل لاءِ به فائديمند هوندي آهي جيڪا ڪولسٽرول ليول کي گھٽائڻ سان گڏوگڏ بلڊ پريشر کي به ڪنٽرول ۾ رکندي آهي ۽ دل جي بيمارين کان به بچائيندي آهي.
You might also like