موسميات کاتي جو وڏو ڪارنامو، سنڌ ۾ کنوڻ جو اڳواٽ اطلاع ڏيندڙ جديد نظام لڳايو ويندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي طرفان سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ کنوڻ جو اڳواٽ اطلاع ڏيندڙ 6 لائٽننگ ڊيٽيڪٽرز لڳايا ويندا، گذريل مهيني چين پاڪستان کي کنوڻ جو اڳواٽ اطلاع ڏيڻ جا ڊيٽيڪٽرز تحفي ۾ ڏنا هئا.
موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ لڳندڙ لائٽننگ ڊيٽيڪٽرز هڪ ئي وقت لانگ ۽ شارٽ رينج رکندڙ هوندو، 25 لائٽننگ ڊيٽيڪٽرز چين طرفان تحفي ۾ ڏنا ويا آهن، چين جي انسٽيٽيوٽ آف اليڪٽريڪل انجنيئرنگ چائنيز اڪيڊمي آف سائنسز اوزار کي تيار ڪيو آهي.
پاڪستان ۾ ان کان اڳ کنوڻ ڪرڻ جو اطلاع ڏيڻ جو جديد نظام موجود نه هو، لائٽننگ ڊيٽيڪٽرز 100 مربع ڪلو ميٽر ۾ کنوڻ ڪِرڻ جو اڳواٽ اطلاع ڏئي سگهي ٿو.
موسميات کاتي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته برساتن جي سسٽم جي گجگوڙ دوران کنوڻ جڙڻ جي شدت جو اندازو لڳائي سگهبو، لڳل اوزار ذريعي کنوڻ ڪِرڻ جي واقعن جي ڊيٽا گڏ ڪئي ويندي ۽ مستقبل ۾ اها ڊيٽا غير معمولي موسمياتي حالتن ۾ مددگار ثابت ٿيندي.
موسميات کاتي موجب موسمياتي تبديلي سبب ٿيندڙ غير معمولي سرگرمين ۾ کنوڻ ڪرڻ جا واقعا به شامل آهن، تيز برساتن دوران ماضي ۾ ۽ تازن ڏينهن ۾ ٿرپارڪر ۾ کنوڻ ڪرڻ جا ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.